ڪئناڊا يونيورسٽي جو انوکو جشن، ڊائنوسار جي انداز ورلڊ رڪارڊ قائم

ڪئناڊا يونيورسٽي جو انوکو جشن، ڊائنوسار جي انداز ورلڊ رڪارڊ قائم

البرٽا (انٽريسٽنگ نيوز) ڪئناڊا جي يونيورسٽي ۾ 60هين سالگرهه تي انوکو جشن ملهايو ويو، 682 ماڻهن ڊائنوسار جهڙو لباس پهري انوکي انداز ۾ جشن ملهايو ۽ گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهي ورتو، البرٽا يونيورسٽي ڪليگري جنهن جون اسپورٽس ٽيمون ڊائنوز جي نالي سان ڄاتيون وينديون آهن، ٽيلر فملي ڊجيٽل لائبريري جي ٻاهران ماڻهن  کي ڊائنوسار جي لباس ۾ گڏ ڪيو ويو، 682 ماڻهن يونيورسٽي ۾ گڏ ڊائنوسار جو لباس پهري گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهي ورتو، ان کان اڳ اهو رڪارڊ فلوريڊ جي ڪوڪس سائنس سينٽر اينڊ ايڪويريم 468 ماڻهن سان ٺاهيو هو.