Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3md30oeas3dei8jj3vune9l5j7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪئناڊا ۾ ذڪر پنھنجي اسپتال جو ... ڊاڪٽر امداد علي شيخ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪئناڊا ۾ ذڪر پنھنجي اسپتال جو ... ڊاڪٽر امداد علي شيخ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

ڪئناڊا ۾ ذڪر پنھنجي اسپتال جو … ڊاڪٽر امداد علي شيخ

اسان جي ملاقات پنھنجي ڪلفٽن ٽاورس واري ھڪ ٿري بيڊ ننڍڙي فليٽ تي ٿي، ظاھر آھي ڪئناڊا مان آيل منھنجي ڀاڻيجي جيڪا سالن جا سال سڪائپ ۽ واٽس اپ تي ڳالھائيندي رهي هئي ۽ پوءِ اوچتو ھڪ ٻئي سان ملڻ ٿئي ته اھڙين ملاقاتن ۾ ڀلا وقت جي گذري وڃڻ جو پتو ڪٿي ٿو پئي ،ڀاڻيجي سان،ڳالھين ڳالھين ۾ ذڪر نڪتو چانڊڪا ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال جي ايم ايس صاحب جو، ماما اسان وٽ ڪئناڊا ۾ اڄڪلھه جڏھن سنڌي فيمليز جون پاڻ ۾ گڏجاڻيون ٿينديون آھن ته اسپتال جي باري ۾ ذڪر کان سواءِ ڄڻ اسان جي گڏجاڻي اڌوري محسوس ٿيندي آھي، توھان جي اسپتال جا فيس بڪ شارٽس،ڪٿي جيءُ جهوري ڇڏيندا آھن ته ڪٿي اسپتال ۾ بھتري ڏسي خوشي به ٿيندي آھي .ڇا واقعي توھان جا ايم ايس صاحب ڪم ڪن ٿا يا وري رڳو فوٽو سيشن ٿو ھلي؟ مون پنھنجي ڀاڻيجي کي چيو ڪنھن به ايم ايس لاءِ ڪرسي ھڪ وڏي زميواري ھوندي آھي، ھر ھڪ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ھوندي آھي، ته اسپتال کي بھتر طريقي سان ھلائجي مسئلن کي پرپارٽي جي بنياد تي حل ڪندي اڳتي وڌجي،جنھن ۾ ايڊمنسٽريشن جا اشوز، ميڊيسن ۽ لوڪل پرچيز، وارڊ ۾ صفائي سٿرائي،ليباريٽري ۽ ايڪسري الٽرا سائونڊ وغيره وغيره. ايمرجنسي وارڊ کي به چوويھه ڪلاڪ سنڀالي ھلائڻ ڪنھن به ايم ايس لاءِ سڀ کان وڏو اشو ھوندوآھي،جنھن ۾ ڪنھن به وقت تڪڙي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرس، ميڊيسن، ايڪسري ۽ ايمبولنس کي سنڀالڻ لاءِ ھڪ سسٽم تحت ھلڻو پوندو.
ھن وقت شعبه حادثات کي صفائي لاءِ ڪانٽريڪٽ تي ڏنو ويو آھي، ھائوس جاب ٽرينگ ۾ ھر ھڪ ٽريني ڊاڪٽر جو ھڪ مھينو ايمرجنسي ۾ ڪرڻ لازم ڪيو ويو آھي، ڊجيٽل ايڪسري سان گڏ موبائل ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ جي سھوليت کي يقيني بڻايو ويو آھي،ايمبولنس سروس چوويھه ڪلاڪ تيار ھجي ٿي، ميڊيسن لاءِ صاف سٿرو ائيرڪنڊيشنڊ سٽور تيار ڪيو ويو آھي جنھن جو نالو( pharmacy 24/7) مقصد چوويهھ ڪلاڪ مسلسل ھفتي جا ست ڏينھن سروس مھيا ڪرڻ. توھان ڳالهھ پئي ڪڍي ته ماما ڪئناڊا ۾ دوا جي چوري جو چرچو به ڏاڍو بحث ھيٺ ھو، سسٽم کي ٺھڻ ۾ اثرائتا ڪردار کپندا آھن، اسان وٽ سسٽم کي ٽوڙيندڙ ھر وک تي ۽ ٺاھيندڙ ورلي ڪو رستي ۾ ملندو آھي، جنھن کي ھر دؤر ۾ مشڪلاتن مان گذرڻ پوندو آهي.ان لاءِ مان توھان کي چئي چڪو آھيان ته موجوده ايم ايس کي وقت ۽ ساٿ ڏيڻ کپي.
اسپتال جي مرڪزي اسٽور کي يقيني حفاظت لاءِ اڄڪلهھ اسٽيل جو آٽو آئڊنٽيفائيڊ دروازو لڳرايو ويو آھي جنھن ۾ ھڪ فٽيڊ سافٽ ويئر پھريان کان موجود چھري جي اچڻ سان آٽو ڊور اوپن ڪندو، باقي ڪم ڪندڙ مرڪزي اسٽور جا ماڻھون داخل ٿي نه سگھندا، گڏو گڏاسٽور جي اندرين ۽ ٻاھرين پاسي کان سيڪيورٽي ڪئميرا پڻ لڳايا ويا آھن.اھو سسٽم جي بھتري جو تسلسل آھي.مان توھان کي اھو ٻڌائڻ ضرور ٿو سمجھان ته اسان وٽ ايم آر آءِ ، سي ٽي اسڪين ھلن پيون، ڪڏھن بجلي يا وري ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪجهھ وقت لاءِ آئوٽ آف آرڊر ٿي سگھي ٿي، باقي توھان جيڪو مختلف چينلس کان ٻڌو يا پڙھيو آھي اھو بلڪل اڻپورو آھي توھان چئو ٿا ته ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ملڻ ڪري، مريض ماءُ جي ھنج ۾ تڙپي تڙپي مري ويو، ريبيز ٿي وڃڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ڇا ٿو ڪري سگھي ھاڻي اسان وٽ اي آر وي جو سينٽر ٺھي ويو آھي جنھن ۾ ھر وقت اھا سھوليت موجود آھي، ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ڪتي جي چڪ کان پاڻ بچائجي،پر جي اتفاق سان ڪتو ڏاڙھي ٿو وجھي ته پوءِ جيترو ترت ٿي سگھي ويڪسين ھڻائجي،باقي رھيل شيڊولڊ ويڪسن وقت سر ھڻائڻ ضروري آھي. اسان جي اسپتال ۾ ھر اُھا سھوليت موجود آھي جيڪا ڪنھن بھترين اسپتال ۾ ھوندي آھي،مون کي ڏک سان ٿو چوڻو پوي ته اسان پنھنجي اسپتال کي دل سان قبوليو ئي ناھي، اسين پاڻ فوٽو ڪڍي فيس بوڪ تي ھڻي خبر ناھي ڪنھن کي ٿا مسيج پھچايون، اھوئي سبب آھي جو اڄ ڪئناڊا ۾ اسان جي اسپتال ھڪ اڻپوري حقيقت پھچڻ سبب موضوع بڻيل آھي. اسان اسپتال جي بھتري لاءِ موجوده ايم ايس صاحب کي وقت سان گڏ ساٿ ڏيون ته جيئن، سسٽم ۾ بھتري اچي ۽ ايندڙ وقت، ۾ اڃان وڌيڪ سھوليتن سان مريضن جي خدمت ڪري سگھون.منھنجي دل جي ڳالهھ ضرور ڪئناڊا ۾ رھندڙن تائين پھچائجان ، ڪئناڊا وڃڻ کان اڳ مان پنھنجي ڀاڻيجي کي دعوت ڏيندي چيم، منھنجي،پنھنجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جنھن مون کي سڃاڻپ ڏني آھي ضرور ڏسي وڃجان.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *