| ڪائنات ۾ تمام پري ڇا آهي؟ ڏوراهيون تصويرون جاري |
لنڊن (م ڊ) دنيا جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل ڪئميرا ڪائنات جون شاندار تصويرون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ويرا سي روبن آبزرويٽري باضابطه طور تي ڪائنات جو سروي شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٽيلي اسڪوپ چلي ۾ هڪ جبل جي چوٽي تي واقع آهي ۽ ايندڙ 10 سالن تائين هر رات سوين تصويرون ڪڍندي. محققن کي اميد آهي ته روبن جا مشاهدا انهن کي ڪائنات جي بهتر ڳڻپ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. ان حوالي سان آبزرويٽري جي آپريشنز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فل مارشل چيو ته اسان دنيا جي چوڌاري سائنسدانن جي هڪ وڏي تعداد کي هن ڊيٽا سيٽ سان ڪم ڪندي ۽ ڪائنات جو مطالعو ڪندي ڏسنداسين جيڪو اهي اڳ ڪڏهن به نه ڪري سگهيا آهن. روبن گذريل سال پنهنجون پهرين تصويرون جاري ڪيون جن ۾ زمين کان هزارين نوري سال پري واقع ‘ٽرائپڊ ۽ لگون نيبولا’ جون رنگين تصويرون شامل آهن. ياد رهي ته هڪ نوري سال تقريباً 6 ٽريلين ميل (9.7 ٽريلين ڪلوميٽر) آهي. اهي تصويرون سائنسدانن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون ته ڪهڪشائون اربين سالن ۾ ڪيئن ٺهن ٿيون ۽ ضم ٿين ٿيون، ۽ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي.