واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڪيپ ورڊي جي رانديگر سڊني لوپيس ڪابرال جو ارجنٽينا خلاف ڪيل دلڪش گول ٽورنامينٽ جو بهترين گول قرار ڏنو ويو آهي. رائونڊ آف 32 جي سنسني خيز مقابلي ۾ ڪابرال اضافي وقت دوران شاندار مهارت جو مظاهرو ڪندي ارجنٽائن جي مڊفيلڊر اليسس ميڪ ايلسٽر کي چڪمو ڏنو ۽ بال کي خوبصورت انداز ۾ گول ڪيپر ايميليانو مارٽينيز جي مٿان کان گول پوسٽ ۾ پهچائي اسڪور 2-2 سان برابر ڪري ڇڏيو. ان گول ازبڪستان جي ايلڊور شومورودوف ۽ هيٽي جي ولسن اسيڊور جي شاندار گولن کي پوئتي ڇڏيندي ’گول آف دي ٽورنامينٽ‘ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ڪابرال چيو ته جڏهن کيس گول جو موقعو مليو ته هن بغير هٻڪ جي شاٽ هڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بال کي ٽاپ ڪارنر ڏانهن ويندي ڏسي خود به حيران رهجي ويو. هن ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ ۾ گول ڪرڻ هر فٽبالر جو خواب هوندو آهي پر ارجنٽينا جهڙي وڏي ٽيم خلاف ان انداز ۾ گول ڪرڻ ناقابلِ فراموش لمحو هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گول جي خوشيءَ ۾ سندس امڙ ٽريسا اسٽيڊيم ۾ بيھوش ٿي وئي ڇاڪاڻ ته هن پهرين ئي واعدو ڪيو هو ته گول ڪرڻ تي سڀ کان اڳ پنهنجي امڙ ۽ گرل فرينڊ وٽ ويندو.
ڪابرال چيو ته ميچ بعد مون کي اڳوڻي برازيلي اسٽار مارسيلو ميسيج ڪري ٻڌايو ته هن منهنجي گول کي ٽورنامينٽ جي بهترين گول طور ووٽ ڏنو آهي.