ڪابينا ڊويزن لاءِ سڀ کان وڌيڪ 90 ارب، موسمياتي تبديلي لاءِ رڳو 4 ارب جاري

مَي 21, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي واري وزارت ترقياتي پروگرام تحت جاري ڪيل فنڊن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

 رٿابندي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چوٿين ٽماهي ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام تحت 72 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا، هلندڙ مالي سال دوران پي ايس ڊي پي تحت هن وقت تائين 566 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن

 گذريل مالي سال ان عرصي دوران 516 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا هئا، هلندڙ مالي سال دوران هن وقت تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 42 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن

 هوابازي ڊويزن جي لاءِ 33 ارب رپيا، ڪابينا ڊويزن جي لاءِ 90 ارب رپين کان وڌيڪ، موسمياتي تبديلي واري وزارت لاءِ 4 ارب کان وڌيڪ، واپار وزارت لاءِ ساڍا 5 ارب رپين کان وڌيڪ، هائوسنگ وزارت لاءِ 19 ارب کان وڌيڪ، ريلوي ڊويزن لاءِ 25 ارب 81 ڪروڙ کان وڌيڪ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ 76 ارب 57 ڪروڙ کان وڌيڪ، صحت وزارت لاءِ 11 ارب ۽ فوڊ سيڪيورٽي وزارت لاءِ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن.

Leave A Comment