| ڪاجل اڪشي ڪمار کي دل ڏئي چڪي هئي: ڪرن جوهر |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر پنهنجي پراڻي دوست ۽ اداڪاره ڪاجل بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪاجل اداڪار اڪشي ڪمار کي دل ڏئي چڪي هئي.ڪپل شرما جي پروگرام جي هڪ پراڻي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪرن جوهر ۽ ڪاجل پنهنجي دوستي جي شروعات جو دلچسپ قصو ٻڌائيندي نظر اچي رهيا آهن. ڪرن جوهر ٻڌايو ته ڪاجل سان سندس پهرين ملاقات هڪ فلمي پارٽي ۾ ٿي هئي، جتي هو ٿري پيس سوٽ ۽ ٽائي پائِي پهتو هو. ڪاجل کيس ڏسي کلڻ لڳي، اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين چٿرون ٿيڻ تي ڪرن شرمسار ٿي پارٽي ڇڏي هليو ويوهو. ٻنهي جي ايندڙ ملاقات هڪ فلم جي پريميئر تي ٿي، جيڪا سندن دوستي جو سبب بڻجي وئي.ڪرن جوهر موجب ان وقت ڪاجل کي اڪشي ڪمار تي ڪرش هو، ڪاجل تقريب ۾ کيس ڳوليندي رهي، ڪرن کلندي چيو ته کيس اڪشي ڪمار ته نه مليو پر انهي ڳولا دوران هو ۽ ڪاجل هڪٻئي کي ملي ويا ۽ دوست بڻجي ويا.