ڪارتڪ آريان جو برطانوي شاگردياڻي ڪرينا سان پيچ

ڪارتڪ آريان جو برطانوي شاگردياڻي ڪرينا سان پيچ

 گووا (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دل ڦينڪ اداڪار 35سالن جي ڪارتڪ آريان جي ڀارت گهمڻ آيل برطانوي ڪاليجي ڪڪي 17سالن جي ڪرينا ڪوبيلو سان  لاڳاپن جو انڪشاف ٿيو آهي. سوشل ميڊيا تي ان وقت بحث شروع ٿيو، جڏهن مداحن ڪارتڪ ۽ ڪرينا ڪوبيلو پاران الڳ الڳ شيئر ڪيل ساحلي تصويرن ۾ هڪجهڙائي ڏٺي. ميڊيا رپورٽن موجب جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪارتڪ آريان ۽ ڪرينا گوا جي مشهور سينٽ ريجس هوٽل ۾ ترسيا هئا. بهرحال ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي الڳ الڳ ڪمرا بوڪ ڪرايا هئا. هوٽل انتظاميا پرائيويسي پاليسي جو حوالو ڏيندي انهي لو اسٽوري بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ذريعن موجب لٿونيا ڄائي شاگردياڻي ڪرينا هن وقت برطانيه ۾ رهي ٿي، واضح رهي ته  “توميري مين تي تيرا، مين تيرا تو ميري“ فيم ڪارتڪ جا ساره علي خان ۽ اننيا پانڊي سان اسڪينڊل  سامهون اچي چڪا آهن،