”ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ چاهين ٿا” اوٻاوڙو ناري ٿاڻي پهچي وئي

”ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ چاهين ٿا” اوٻاوڙو ناري ٿاڻي پهچي وئي

اوٻاوڙو (ن پ ا) ڏهرڪي واسڻ ناري تحفظ لاءِ اوٻاوڙو ٿاڻي تي پهچي،  ان موقعي تي ناري ريحانه شر جو چوڻ هو ته کيس ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، مائٽ مارڻ چاهين ٿا، جان بچائي ٿاڻي تي پهتي آهيان، تحفظ فراهم ڪري مڙس جي حوالي ڪيو وڃي،  ٻي طرف ناري جي ماءُ سچل شر چيو ته مڙس ياسين ڌيءُ کي ڪارنهن الزام مڙهي طلاق ڏني، آئون نياڻي کي گهر وٺي وڃڻ چاهيان ٿي، جڏهن ته ٿاڻي پهتل ناري ماءُ سان وڃڻ کان انڪار ڪندي مڙس ڏانهن وڃڻ جو مطالبو ڪيو، پوليس جو چوڻ هو ته ڪو ذميوار ايندو ته ناري ان جي حوالي ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ کيس ڪورٽ پيش ڪيو ويندو.