ڪارنهن تهمت هيٺ عورت جو قتل فساد في الارض قرار، ٺاهه رد، جوابدارن کي عمر قيد

ڪارنهن تهمت هيٺ عورت جو قتل فساد في الارض قرار، ٺاهه رد، جوابدارن کي عمر قيد

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جج جاويد ميراڻي جو وڏو فيصلو. ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيس ۾ فريادي ڌر پاران صلح ڪرڻ باوجود جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج سکر جاويد ميراڻي ڪارنهن الزام هيٺ قتل عورت جي ڪيس ۾ فريادي والد پاران صلح جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ باوجود جوابدارن عبدالصمد ۽ اسد الله جاگيراڻي کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڪنڌرا جي رهواسڻ ثريا جاگيراڻي 2019 ۾ عبدالصمد کان طلاق وٺي وسيم جاگيراڻيءَ سان شادي ڪئي. ٻئي شادي ڪرڻ تي جوابدار اڳوڻي زال ثريا جاگيراڻي کي 30 جون 2023 تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. جنهن ۾ فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر ۾ صلح ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ جوابدارن صلح نامو جمع ڪرايو هو، عدالت جوابدار کي صلح واري درخواست رد ڪندي فساد في الارض تحت عمر قيد جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر اماڻي ڇڏيو.