ميهڙ(ن پ و) ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ باگو جلباڻي ۾ جوابدارن نوجوان ناري ثمينه ڌي صدورو جلباڻي کي قتل ڪري لاش زرعي زمين ۾ وڻ ھيٺان پوري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھچي ڳولا کان پوءِ لاش ھٿ ڪري ورتو آھي
ايس ايچ او بي سيڪشن نور مصطفي پٺاڻ موجب پوليس کي اطلاع مليو ھو ته ناري کي قتل ڪيو ويو آھي ڳولا کان پوءِ وڻ ھيٺان پوريل لاش ھٿ ڪيو ويو آھي، لاش ھڪ ڏينھن پراڻو لڳي رھيو آھي ، گرمي ۽ اس تي اڇلائڻ سبب لاش ڌپ ڪري ويو آھي
معلوم ٿيو آھي ته ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو آھي، شر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان ھڪ ھفتو اڳ پڻ ٻيٽو ڀرسان خير محمد شر کي قتل ڪيو ويو ھو
ذريعن موجب جوابدارن ناري کي قتل ڪري لاش ڳوٺ ڀرسان زرعي زمين ۾ پوريو ويو ھو ۽ سندس امڙ کي رسن سان ٻڌي ڇڏيو ھو، پوليس کي قتل ڪيل ناري جي امڙ جي بيان بعد لاش وڻ ھيٺان زمين ۾ پوريل مليو آھي
بيدردي سان قتل ڪيل ناري جو لاش واقعي واري ھنڌ کان تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو