عادلپور ( ن پ و)عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، وارثن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو
شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري ڪارنهن تڪرار شدت اختيار ڪري ورتي ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، الزام هيٺ آيل نوجوان شهزادو شر کي کنڀي گم گم ڪيو ويو آهي
ڌرين ۾ جهيڙي دوران ضمير شر، الله بخش شر، اختيار شر ۽ مولا بخش شر زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
اغوا ڪيل شهزادو شر جي مائٽن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي پنهل شر ۽ جانل شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي جهيڙي دوران اغوا ڪيو ويو آهي
هنن چيو ته خدشو آهي ته شهزادي کي ڪوڙي الزام ۾ قتل نه ڪيو وڇي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي
پوليس جو چوڻ آهي ته لطيف شر ۽ پنهل شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي