اڄ جي دور ۾ مهارتن جي اهميت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ تہ دنيا صرف علم تي نه پر عملي قابليت تي به هلي رهي آهي. تعليم انسان کي رستو ڏيکاري ٿي، پر مهارتون ان رستي تي هلڻ سيکارين ٿيون. جيڪڏهن انسان وٽ علم هجي پر مهارت نه هجي، ته اهو علم گهڻو ڪري ڪتابن تائين محدود رهجي وڃي ٿو. جديد حالتن ۾ انسان جي زندگي، روزگار ۽ سماجي حيثيت سڌي طرح مهارتن سان جڙيل آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته انهن مهارتن کي تفصيل سان سمجهجي ۽ انهن جي اهميت کي محسوس ڪجي.
سڀ کان اهم مهارت سکڻ جي عادت آهي. جيڪو ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته هن سڀ ڪجهه سکي ورتو آهي، اهو اصل ۾ پوئتي وڃڻ شروع ڪري ٿو. دنيا هر ڏينهن نئين شڪل اختيار ڪري رهي آهي، نوان طريقا سامهون اچي رهيا آهن ۽ پراڻا طريقا آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ جيڪو ماڻهو نئين ڳالهه سکڻ کان نه گهٻرائي، سوال پڇي، مشاهدو ڪري ۽ تجربو حاصل ڪري، اهو وقت سان گڏ پاڻ کي زنده رکي ٿو.
صبر ۽ برداشت به انتهائي اهم مهارتون آهن. زندگي هميشه هڪجهڙي نٿي هلي. ڪڏهن ڪاميابي ملي ٿي ته ڪڏهن ناڪامي، ڪڏهن آسانيون ٿين ٿيون ته ڪڏهن ڏکيائون. جيڪو ماڻهو هر ڏکي حالت ۾ مايوس ٿي وڃي ٿو، اهو گهڻو اڳتي نٿو وڌي سگهي.
خود اعتمادي به هڪ اهم مهارت آهي، جيڪا انسان جي شخصيت کي مضبوط بڻائي ٿي. جيڪو ماڻهو پاڻ تي يقين رکي ٿو، اهو پنهنجين صلاحيتن کي سڃاڻي ٿو ۽ ڊپ کانسواءِ اڳتي وڌي ٿو. اهڙو ماڻهو ٻين جي سامهون ڳالهائڻ کان نه گهٻرائي، پنهنجو خيال ظاهر ڪري ٿو ۽ نوان ڪم شروع ڪرڻ جي همت رکي ٿو. خود اعتمادي جو مطلب اهو ناهي ته انسان پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهي، پر اهو آهي ته هو پاڻ کي ڪمزور به نه سمجهي. خود اعتمادي سان انسان پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪرڻ سکندو آهي.
فيصلا ڪرڻ جي مهارت به زندگيءَ جو اهم حصو آهي. هر ڏينهن انسان کي ننڍا وڏا فيصلا ڪرڻا پون ٿا. ڪڏهن وقت جي چونڊ، ڪڏهن ڪم جي چونڊ، ته ڪڏهن ماڻهن جي چونڊ. جيڪو ماڻهو بنا سوچ جي فيصلا ڪري ٿو، اهو گهڻو ڪري نقصان ۾ رهي ٿو. ۽ جيڪو ماڻهو هر فيصلي لاءِ ٻين تي ڀاڙيندو رهي ٿو، اهو پاڻ کي ڪمزور بڻائي ٿو.
ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي مهارت اڄ جي سماج ۾ تمام ضروري بڻجي چڪي آهي. هاڻ اڪيلو ماڻهو هر ڪم نٿو ڪري سگهي. گڏيل ڪوشش سان ئي وڏا نتيجا حاصل ٿين ٿا. جيڪو ماڻهو ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ڄاڻي ٿو، اختلاف هوندي به احترام سان گڏ هلڻ سيکاري ٿو، اهو هر اداري ۽ سماج ۾ قبوليت ماڻي ٿو. گڏجي ڪم ڪرڻ سان انسان نيون سوچون سکي ٿو، پنهنجيون غلطيون سڃاڻي ٿو ۽ پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائي ٿو.
ڳالهه ٻولهه جي مهارت به انتهائي اهم آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ڳالهه صاف، سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نموني سان پيش ڪري سگهي ٿو، اهو ٻين تي اثر وجهي سگهي ٿو. سٺي ڳالهه ٻولهه سان مسئلا حل ٿين ٿا، غلط فهميون ختم ٿين ٿيون ۽ لاڳاپا مضبوط ٿين ٿا. ساڳئي وقت ٻين کي ڌيان سان ٻڌڻ به هڪ وڏي مهارت آهي. جيڪو ماڻهو صرف ڳالهائي ٿو پر ٻڌڻ نٿو ڄاڻي، اهو گهڻو ڪجهه وڃائي ويهي ٿو. ٻڌڻ سان انسان ٻين جي احساسن ۽ ضرورتن کي سمجهي سگهي ٿو.
وقت جي سنڀال به هڪ اهم مهارت آهي، جيڪا زندگيءَ کي ترتيب ڏئي ٿي. وقت سڀ کان قيمتي سرمايو آهي، جيڪو ماڻهو پنهنجي وقت کي صحيح نموني سان استعمال ڪري ٿو، اهو ٿوري وقت ۾ به گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ٿي. وقت جي سنڀال انسان کي نظم، پابندي ۽ ذميواري سيکاري ٿي، جيڪي هر شعبي ۾ ضروري آهن.
مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت به هر انسان لاءِ لازمي آهي. زندگي مسئلن کان خالي ناهي. فرق صرف اهو آهي ته ڪي ماڻهو مسئلن کان ڊڄي وڃن ٿا، جڏهن تہ ڪي ماڻهو انهن کي موقعو سمجهن ٿا. جيڪو ماڻهو مسئلي کي سمجهي، ان جا سبب ڳولي ۽ صبر سان حل ڪڍي، اهو ذهني سڪون به ماڻي ٿو ۽ ٻين لاءِ به فائدي وارو بڻجي ٿو. مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت انسان کي مضبوط ۽ خودمختيار بڻائي ٿي. ذميواري قبول ڪرڻ جي مهارت به سماج ۾ عزت جو سبب بڻجي ٿي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ڪم جي ذميواري قبول ڪري ٿو، اهو ٻين جي نظر ۾ معتبر بڻجي ٿو. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿئي، ته ان کي مڃڻ ۽ درست ڪرڻ به وڏي همت جي ڳالهه آهي. ذميوار ماڻهوءَ تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڀروسو ئي اهو بنياد آهي، جنهن تي نوڪريون ۽ ڪاروبار ھلن ٿا.
همدردي ۽ انسانيت جي مهارت به وسارڻ نه گهرجي. جيڪو ماڻهو ٻين جي ڏک کي سمجهي، مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهي ۽ نرم دل هجي، اهو سماج ۾ عزت ماڻي ٿو. اهڙي مهارت سان انسان رڳو ڪامياب نه پر محبوب به بڻجي ٿو. سماج ۾ سڪون ۽ هم آهنگي اهڙين مهارتن سان ئي پيدا ٿئي ٿي.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته مهارتون انسان جي زندگي جو روح آهن. اهي انسان کي تعليم کان اڳتي وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس عملي دنيا ۾ مضبوط بڻائين ٿيون. جيڪو ماڻهو سکڻ، صبر، خود اعتمادي، فيصلا ڪرڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه، وقت جي سنڀال، مسئلا حل ڪرڻ ۽ ذميواري قبول ڪرڻ جهڙيون مهارتون پيدا ڪري ٿو، اهو نه رڳو نوڪري حاصل ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجو ڪم به ڪاميابيءَ سان هلائي سگهي ٿو.