مون نومبر 2025 تائين ڪاروباري گفتگو جي موضوع تي لکڻ جو هڪ سال مڪمل ڪيو آهي، ۽ ان دوران مون پنجاھ کان وڌيڪ مضمون لکيا آهن. هي مضمون مون لاءِ رڳو لکڻ جو ڪم نہ هئا، پر هڪ اهڙو سکڻ سمجهڻ ۽ نوجوانن سان ڳنڍجڻ جو ذريعو هئا، جنهن منهنجي سوچ کي وڌيڪ پختو ڪيو. هن هڪ سال ۾ مون محسوس ڪيو تہ نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ ڪاروبار بابت سادي، صاف ۽ سندن زندگيءَ سان جڙيل ڄاڻ ڏيڻ تمام ضروري آهي. جڏهن اهي مضمون پڙهندڙن تائين پهتا تہ مون تي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي تہ مان لکندو رهان ۽ هن موضوع کي وڌيڪ واضح انداز ۾ پيش ڪندو رهان. مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو تہ منهنجي دل ۾ هڪ ئي خيال هو ــ نوجوانن کي اهو ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ تہ ڪاروبار هر ڪنهن لاءِ آهي. هي ڪا وڏي دولت يا وڏو نالو گهرندڙ ڪم نہ آهي. ڪاروبار همت، محنت ۽ سٺي سوچ جو ڪم آهي. مون محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن نوجوان وقت تي رهنمائي حاصل ڪن، تہ هو رڳو پنهنجي زندگي بدلائي نہ ٿا سگهن، پر پنهنجي خاندان جي بہ مدد ڪري سگهن ٿا ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا. مون لکيو تہ جيئن نوجوانن تائين صحيح ڳالھ صحيح زبان ۾ پهچي. مون ڏٺو تہ گهڻا نوجوان نوڪريءَ جي انتظار ۾ پنهنجي زندگيءَ جي بهترين موقعن کي ضايع ڪري ڇڏين ٿا. هو پڙهندا آهن، محنت ڪندا آهن، پر آخر ۾ مايوسي محسوس ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ نوڪريون گهٽ آهن ۽ طلب وڌيڪ آهي. مونکي لڳو تہ انهن نوجوانن کي ڪو اهڙو پيغام ملڻ گهرجي جيڪو سندن سوچ بدلائي، جنهن سان هو رڳو روزگار جي اميد ۾ نہ ويهن، پر پاڻ لاءِ نوان رستا ٺاهين. ڪاروبار انهن لاءِ هڪ اهڙو رستو بڻجي سگهي ٿو، جيڪو خودمختياري، عزت ۽ اطمينان ڏئي سگهي ٿو.جيئن تہ استاد ۽ محقق هجڻ سبب مونکي اهو وڌيڪ محسوس ٿيو تہ لکڻ منهنجو فرض آهي. مون ڪيترن شاگردن ۾ حوصلو ڏٺو، پر رهنمائيءَ جي کوٽ پڻ محسوس ڪئي. ڪجھ شاگردن وٽ وڏا خواب هئا، پر کين خبر نہ هئي تہ شروعات ڪٿان ڪئي وڃي. ڪجھ وٽ محنت هئي، پر سوچ نہ هئي. ڪجھ وٽ سوچ هئي، پر اعتماد نہ هو. انهن جي اکين ۾ مون اميد ڏٺي، پر رڪاوٽون بہ ڏٺيون. مونکي لڳو تہ جيڪڏهن مان لکڻ ذريعي انهن جي دلين تائين پهچان ٿو، تہ شايد هڪ لفظ، هڪ خيال يا هڪ مثال سندن لاءِ نئين زندگيءَ جو رخ بڻجي وڃي.مون پنهنجي مضمونن ۾ گهڻين ڳالهين کي سادي ۽ روزمره جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو. مون لکيو تہ ڪاروبار ننڍي ڳالھ کان شروع ٿئي ٿو. هڪ ننڍڙي ڪوشش بہ وڏي منزل تائين وٺي وڃي ٿي. انسان جيترو ناڪامي جي خوف کان بچندو، اوترو اڳتي وڌندو. مون نوجوانن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ غلطي ڪرڻ ڪا شرم جي ڳالهه نہ آهي، غلطي ئي انسان کي سيکاري ٿي. هر ناڪامي نوجوانن لاءِ نئين توانائي ۽ نئين سکيا رکي ٿي. منهنجي لکڻ ۾ هڪ بنيادي مقصد اهو بک هو تہ نوجوانن مان خوف ختم ٿئي. مون محسوس ڪيو تہ اسان جي گهڻن نوجوانن کي معلوم ئي نہ آهي تہ ڪاروبار ڪيئن ڪيو وڃي. هو چون ٿا ڪاروبار ڏکيو آهي، پر حقيقت اها آهي تہ ڏکيو رڳو اهو آهي جنهن لاءِ ڄاڻ نہ هجي. جيڪڏهن ڄاڻ ملي، مثال ملي، ۽ رهنمائي ملي، تہ پوءِ هر ڪم آسان ٿي وڃي ٿو. مون لکيو تہ نوجوان پنهنجي اندر جي طاقت کي سڃاڻن. هو پاڻ کي گهٽ نہ سمجهن. هو پنهنجي وسيلن کي ڏسن، پنهنجن خوابن کي سمجهن ۽ اتان کان شروعات ڪن جتي هو اڄ بيٺل آهن.مون لکيو، ڇو تہ مونکي محسوس ٿيو تہ سماج ۾ ڪاروبار کي اڃا تائين مڪمل عزت نٿي ڏني وڃي. ماڻهو حڪمت، عقل ۽ ذميواري سان ڪيل ڪاروبار کي گهٽ سمجهن ٿا، جڏهن تہ وڏا ملڪ ۽ مضبوط قومون ڪاروبار ذريعي ئي ترقي ڪن ٿيون. نوجوانن کي اهو سمجهڻ ضروري آهي تہ معاشي طاقت تعليم، مهارت ۽ ڪاروبار جي گڏيل نتيجي مان پيدا ٿيندي آهي. ڪاروبار صرف پئسا ڪمائڻ لاءِ ناهي، پر ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ جو نالو پڻ آهي. مون کي پنهنجي لکڻ ۾ اهو بہ نظر آيو تہ نوجوانن کي جڏهن سادي ٻوليءَ ۾ مثال ڏنا وڃن ٿا، تہ هو ڳالھ کي وڌيڪ چڱي طرح سمجهن ٿا. مون ڪيترن مضمونن ۾ عام ماڻهن جون ڪهاڻيون، ننڍن ڪاروبارن جون حقيقتون ۽ زندگيءَ جا مثال شامل ڪيا. مون چاهيو تہ پڙهندڙ رڳو لفظ نہ پڙهن، پر انهن لفظن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسن. مون چاهيو تہ هو محسوس ڪن تہ جيڪڏهن ڪو بہ نوجوان ڪجھ ڪري سگهي ٿو، تہ هو بہ ڪري سگهي ٿو.مون کي لکڻ دوران هڪ ڳالهه گهڻو متاثر ڪيو، ۽ اهو احساس هو تہ تبديلي هميشہ ننڍي ڳالھ کان شروع ٿئي ٿي جيڪڏهن هڪ ماڻهو هڪ سچو ڪم ڪري، تہ ٻيا بہ ان کان سکن ٿا. جيڪڏهن هڪ نوجوان ڪاروبار شروع ڪري ٿو، تہ ٻيا نوجوان بہ همت وٺن ٿا. هي ئي تبديليءَ جو سلسلو آهي، جيڪو آهستي آهستي سماج ۾ وڏي لهر بڻجي وڃي ٿو. مون پنهنجا مضمون هڪ اهڙي لهر سمجهي لکيا، جيڪا مستقبل ۾ ضرور اثر ڇڏيندي. مون پنهنجو لکڻ هڪ ننڍڙي ڏيئي وانگر سمجهيو آهي. مون ڏيئو ٻاريو آهي، پر مونکي پڪ آهي ته هي ڏيئو اڪيلو نه رهندو. هي روشني اڳتي وڌندي، دلين تائين پهچندي، ذهنن تائين پهچندي، ۽ هڪ ڏينهن تبديليءَ جي وڏي شعاع بڻجي نڪرندي. مونکي يقين آهي ته نوجوانن جي اندر اميد جو جيڪو ٻج آهي، اهو هڪ ڏينهن مضبوط وڻ بڻجي وڏي ڇانو ڏيندو.نوجوان هر ملڪ جو سرمايو هوندا آهن. جيڪڏهن نوجوان محنت ڪن، ڪاروبار ڪن، نوان خيال آڻين، ته ملڪ مضبوط ٿئي ٿو. نوجوانن جو ڪم رڳو پڙهڻ تائين محدود نه آهي. سندن ڪم آهي سوچڻ، ٺاهڻ، ڪم ڪرڻ، نوان رستا کولڻ ۽ ٻين لاءِ مثال بڻجڻ. مون انهن ئي سوچن سان لکڻ شروع ڪيو. مون چاهيو ته نوجوانن تي يقين پيدا ٿئي ته هو پنهنجو مستقبل پاڻ ٺاهي سگهن ٿا. هي لکڻ جو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. اهي مضمون لکڻ منهنجي لاءِ هڪ شروعات آهي، منزل نه آهي. منهنجي دل ۾ اها اميد آهي ته مان لکندو رهندس ۽ نوجوانن تائين اهو پيغام پهچائيندو رهندس ته زندگيءَ ۾ تبديلي ممڪن آهي. جيڪڏهن انسان اندر همت هجي، سوچ صاف هجي ۽ نيت سچي هجي، ته هڪ ننڍڙي شروعات به وڏي ڪاميابي بڻجي سگهي ٿي. مان ڄاڻان ٿو تہ لفظن جي طاقت دلين تائين پهچندي آهي. هڪ سٺو لفظ انسان کي بدلائي سگهي ٿو. هڪ خيال انسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هڪ ننڍڙي صلاح نوجوانن کي نئون رستو ڏيکاري سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مان لکندو رهندس. منهنجو يقين آهي ته هڪ ڏيئو ٻري، ته روشني وڌندي. هڪ دل ۾ اميد پيدا ٿئي، تہ تبديلي ضرور ايندي.