ڪارونجهر بابت اپيل واپس وٺبي: سنڌ حڪومت جي خاطرين تي احتجاج ختم: وڪيلن احتجاج بدران عدالتن ۾وڃي دليل ڏين: مرادشاهه

ڪارونجهر بابت اپيل واپس وٺبي: سنڌ حڪومت جي خاطرين تي احتجاج ختم: وڪيلن احتجاج بدران عدالتن ۾وڃي دليل ڏين: مرادشاهه

 ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ) سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ حڪومت پاران  آئيني ڪورٽ ۾ پهتل اپيل واپس ڪرائڻ لاءِ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪاميٽي ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، ناصر شاهه جي خاطري بعد وڪيلن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، وڪيلن سان ڳالهين دوران صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته توهان وڪيلن لاءِ احترام آهي، اسان  وڪيلن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا, هن چيو ته ڪارونجهر تي اسانجو به موقف اهو ئي آهي، جيڪو اوهان جو آهي، ڪارونجهر معاملي تي بلال ڀٽو جو موقف به اهو ئي آهي، اوهانجا 27 ترميم، آئيني عدالت سميت مختلف مطالبا وڏي وزير آڏو رکيا ويندا. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ معاملي تي اسان جي راءِ  مختلف آهي، انهي معاملي تي مشاورت ڪنداسين، هوڏانهن ڳالهين بعد وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي، سنڌ حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته ڪارونجهر بابت اپيل واپس ورتي ويندي، انهي کان اڳ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪاميٽي پاران ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت پاران داخل اپيل واپس ڪرائڻ لاءِ سنڌ ها۽ ڪورٽ کان سي ايم هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي, ريلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي, پوليس پاران پي آ۽ ڊي سي وٽ ڪنٽينر لڳائي سي هائوس ڏانهن ويندڙ رستو سيل ڪيو ويو، وڪلي پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪندي ڪنٽينرن تي چڙهي ويا، هوڏانهن حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري مظاهرا ڪيا،  سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، عمرڪوٽ، مٺي، دادو، خيرپور، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ به وڪيلن مظاهرا ڪيا.

ڪراچي(رپورٽ:شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪارونجهر جبل جي تحفظ واري عزم کي ورجائيندي انهي کي صوبي جو ثقافتي ۽ ماحولياتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارونجهر اسان جو خزانو آهي، اسان ان کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچڻ ڏينداسين. ڪالهه سنڌ هيڪ پاران ڪوٺايل تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  ٿرڪول منصوبي بابت به 10 کان 15 سال اڳ ماڻهن اهڙا ئي اعتراض آندا هئا. اڄ ٿر پاڪستان کي بدلائي ڇڏيو آهي، اهو  ملڪ کي سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڪارونجهر جي قديم ۽ تاريخي اهميت جو احترام ڪري ٿي ۽ انهي جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي قائل ڪيو ويندو. 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته آئيني ترميمون سڄي دنيا ۾ هڪ عام ڳالهه آهن. آئون نٿو ڄاڻان ته هن ڀيري ڪهڙا خاص اعتراض سامهون آيا آهن؟ هن واضح ڪيو ته  نئين ٺهيل وفاقي آئيني عدالت حقيقت ۾ نوان جج ڀرتي نه ٿيندا، اهي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن تي مشتمل هونديون. آئيني عدالت اسان جي عام عدالتن تان ڪيسن جو بار گهٽائيندي،  عام ڪيسن وارن ماڻهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي ايندي مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪجهه وڪيل انهي  سھولت ( آئين عدالت) جي مخالفت ڇو پيا ڪن؟ هن چيو ته هو وڪيل برادري جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو. منهنجو والد به وڪيل هو، مون وڏن وڪيلن کي هميشه اهو چوندي ٻڌو آهي ته احتجاج نه پر دليل انسان کي قائل ڪندا آهن، بدقسمتي سان هاڻي اهو تبديل ٿي ويو آهي. وڏي وزير وڪيلن طرفان ڪارونجهر مامري تي ريلي ڪڍي  روڊ بند ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته روڊن تي اچي شهريَن کي تڪليف پهچائڻ قابل قبول ناهي، جيڪڏهن وڪيل حڪومت يا پارلياماني نمائندن سان ڳالهائڻ چاهين ٿا ته ڀلي اچن، يا اهي ڪارنجهر معاملو عدالت ۾ کڻي وڃن. آئون هميشه ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيان، جيڪو به وزيراعليٰ هائوس اچڻ چاهي، اچي سگهي ٿو. آئيني ترميمن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪردار بابت وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو 26۽ 27هين آئيني ترميمن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . هن يقين ڏياريو ته ڪا به ڳجھي ترميم نه ٿيندي. هر شيءِ عوام آڏو کليل انداز ۾ ايندي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ مشاورت ٿي آهي پر 27هين ترميم جو مسودو اڃا تائين باضابطه نموني مون کي نه مليو آهي. هن چيو ته اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي. اسين ايم ڪيو ايم سان گڏجي مڪاني ادارن جي قانون کي بهتر بڻائينداسين. اين ايف سي بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم اڃا تائين مون سان اين ايف سي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. اين ايف سي جو پهريون اجلاس 4 ڊسمبر تي آهي. چارئي صوبا ۽ وفاق گڏجي اين ايف سي تي ڪم ڪندا. صوبا پنهنجا موقف پيش ڪندا جڏهن ته وزيراعظم جو ڪردار بعد ۾ ايندو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ جو فيصلو اين ايف سي پاڻ ڪندي، پوءِ ايوارڊ صدر پاڪستان ڏانهن موڪليو ويندو. هن چيو ته اسان وزيراعظم، پارٽي قيادت ۽ ماهرن کان ضرور رهنمائي وٺندا آهيون پر آخري فيصلو قومي مالياتي ڪميشن ئي ڪندو آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته آئيني عدالت ۽ ترميمن بابت اعتراضن کي قانوني فورمن تي اٿارڻ گهرجي. جن جو ڪم دليل ڏيڻ آهي، انهن کي  احتجاج وارن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوام لاءِ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪنهن شيءِ تي اعتراض آهي ته اهو آئيني طريقي سان انهي کي عدالتن ۾ چيلنج ڪري.