ڪارونجهر بعد ڀڳو ٺوڙهو جبل جي ڪٽائي، پٿرن سان ڀريل ٽرڪون روانيون، فطري سونهن متاثر

سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي  واري معاملي بعد سيوھڻ تعلقي اندر کير ٿر جي جابلو سلسلي ۾ ڀڳو ٺوڙهو جبل جي ڪٽائي جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، ٻڌايو وڃي ٿو ته مائنز اينڊ منرل کاتي, پوليس ۽ مقامي انتظاميا جي سرپرستي ۾ ڄامشورو سيوھڻ انڊس ھاء وي ويجھو بااثر ٺيڪيدار پاران ھيوي مشينري ذريعي ڀڳو ٺوڙهو جبل جي ڪٽائي جو سلسلو جاري رکيو ،  جنهن ڪري ھن جبل جي فطري سونهن متاثر ٿي رھي آهي ته ٻئي طرف جبل جي ڪٽائي دوران ھيوي مشينري جي زوردار آوازن سبب آس پاس جي جھنگلي جيوت پڻ سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي پر شڪايتن باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻجي اگھور ننڊ ستل آهي جنهن تي علائقي واسين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن اڪبر ملاح، محمد نواز رند، ڪامريڊ شاھد ھاليپوٽو، سجاد ڏيٿو، شڪيل بڙدي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بااثر سپلائير ٺيڪيدار گمن کوسو مقامي انتظاميا ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان حساس ادارن جو نالو استعمال ڪري ڀڳو ٽوڙو جبل جي غير قانوني ڪٽائي ڪرائي ڪروڙين روپيا غيرقانوني ناڻو ڪمائڻ کان علاوه تاريخي جبل کي وڏو نقصان پڻ رسائي رھيو آھي جنهن عمل تي ڪنهن به صورت ۾ اکيون بند ڪري نٿو ويھي سگهجي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جبل جي ڪٽائي روڪي ڄاڻايل بااثر ٺيڪيدار خلاف ڪيس داخل ڪري ملوث عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ھو روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪندا.