ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو ناهي، عدالت کي گمراهه ڪيو ويوآهي، ائين ٿيو ته معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا: عمر سومرو

آڪٽوبر 25, 2023

جيڪب آباد(رپورٽر) سنڌ جي قانون ۽ انصاف واري نگران وزير عمر سومرو چيو آهي ته ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو ناهي، عدالت کي گمراهه ڪيو ويوآهي، ائين ٿيو ته معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا

جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ڪارونجهر جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گمراهه ڪيو ويو آهي، ثقافتي ورثو محفوظ بڻائڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ سان ڪنهن کي به اختلاف نه آهي

سندس چوڻ هو ته  عدالت کان ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو ناهي، جيڪڏهن سڄي ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي ته پوءِ معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا؟

قانون ۽ انصاف واري نگران وزير عمر سومرو وڌيڪ چيو ته عدالت کان اهو ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جا ڪهڙا علائقا ثقافتي ورثو آهن، ڪارونجهر جي معاملي تي عدالت سان غلط بياني ڪئي وئي آهي

Leave A Comment