| ڪارونجهر جي تاريخي ماڳن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ويندي پر ترقي آڏو رنڊڪ به اچڻ نه ڏينداسين: مراد شاهه |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومت تاريخي ۽ قديمي آثارن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ڪارونجھر جبل کي ڪورڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالھ پورٽ گرينڊ ۾ 3 ڏينهن واري سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالهائيندي نون صوبن جي قيام بابت ٿيندڙ بحث کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو ته نون صوبن جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو، الله تعاليٰ کانسوا ءِ ڪنهن وٽ به سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت ناهي. ھن چيو ته اسان جو ڌيان انهي تي آهي ته سنڌ جي ثقافتي ڪم ۽ دستڪاري کي اها سڃاڻپ ۽ حوصلا افزائي ملي، جنهن جو اها حقدار آهي. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو اڳ ۾ ئي ارڙهين ترميم ۾ تبديلي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصي ۾ گھٽتائي جون تجويزون رد ڪري چڪو آهي. 27هين ترميم وقت به اهي نقطا رد ڪيا ويا هئا. سنڌ جي گورنر جي تبديلي پاران سوال تي ھن چيو ته نه ته هو ۽ نه ئي صوبائي حڪومت يا سنڌ اسيمبلي گورنر جي مقرري ۾ ڪٿي شامل آھي ۽ نه ئي اسان کي صلاح مشوري ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ھن چيو آئون هڪ وڪيل جو پٽ آهيان ۽ گهڻو وقت بهترين وڪيلن جي صحبت ۾ گذاريو آهي، جيڪڏهن ڪنهن وڪيل کي دليل پيش ڪرڻو هجي ته عدالتون موجود آهن. جيڪي وڪيل قانوني رستي کان هٽي پنهنجو ڪم ڪن ٿا، انهن وٽ عدالت وڃڻ لاءِ دليل ناھن ھوندا، اهي 50 کان 150 ماڻهو سڄو شهر يرغمال ڪري ويٺا آهن. جڏهن رستا بار بار بند ٿين ٿا ته پوء حڪومت کي يقيني طور قدم کڻڻو پوندو. هن چيو ته اسان روڊن تي تڏهن ايندا آھيون جڏهن ايوان ۾ آواز اٿارڻ جو موقعو ناھي ملندو، ھن چيو ته اسان نوڪرين لاءِ 43 سالن جي عمر مقرر ڪئي هئي پر عدالت چيو ته اوهان ايئن نٿا ڪري سگھو، عمر جي حد وڌائڻ جو ڪو سبب ٻڌايو، عدالت جي هدايتن کانپوءِ سنڌ ڪابينا وري به پنج سالن جي رعايت ڏئي عمر جي حد 33 سال ڪئي آھي، ھن چيو ته ڪارونجھر اسانجو اثاثو آھي، انھي جي تاريخي ھنڌن ۾ ڇيڙڇاڙ نه ٿيندي پر ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ به اچڻ نه ڏينداسين ـ اڳ ۾ ٿر جي ڪوئلي ڪڍڻ وقت به اھڙو ئي رد عمل آيو ھو پر پوءِ ھاڻي ٿر جي ڪوئلي مقامي ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي آھي ڪراچي سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول ۾ وڏي وزير کان اسٽال واري عورت خريداري جو مطالبو ڪندي رھي پر مراد علي شاھ ڪجهه به خريد نه ڪيو۔ ٽنڊوالھيار واسڻ زينت ميرجت وڏي وزير کي چيو ته اسان کان ڪنهن به ڪجهه خريد ناھي ڪيو اوھان مھرڀاني ڪري ڪجھ خريد ڪريو ـ خالي ھتين نه وڃو ۽ اسين به چونداسين ته وڏي وزير ڪجهه ورتو آھي ان تي مراد علي شاھ ثقافت واري وزير ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سائين وٺندو ـ جڏهن ته آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاھ چيو ته سڀ وٺي وٺنداسين ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته آئون موٽي اچي وٺان ٿو ـ ايئن بار بار خريداري جو مطالبو ڪندڙ عورت کان ڪنهن به ڪجهه خريد نه ڪيو