ڪارونجهر جي نيلامي نامنظور، عوام سنڌ سرڪار جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو
جُولاءِ 23, 2023
ننگرپارڪر (رپورٽر) ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ڪارونجهر جي نيلامي واري سنڌ سرڪار جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو
ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ذوالفقار کوسو ، مصطفي دل ، پريم سنگهه سوڍو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي مٿي جو جهومر آهي، ڪارونجهر جي سونهن جي نيلامي منظور ناهي
اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ليزون رد ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت منرل مائين ڊپارٽمينٽ طرفان ڪارونجهر جي ليزون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا
اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر جبل جي گرينائيٽ پٿر جي سترنهن هنڌن جي ليزن لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي. جنهن عمل جي سمورا سنڌ واسي مخالفت ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي نيلامي واري پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري
اڳواڻن ڪيو ته سنڌ جي تاريخي قديمي ثقافتي تهذيبي اهڃاڻ ۽ سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل کي، نيشنل پارڪ جو درجو ڏيئي، ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي.