حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڪارونجهر جي امڪاني نيلامي خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ سڀا جي سڏ تي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
سنڌي انعام عباسي، سنڌي امتياز ماڇي، يونس چانگ، اياز جنجهه، اصغر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت اقتدار ۽ پئسي جي لالچ ۾ انڌي ٿي وئي آهي. زرداري مافيا اقتدار لاءِ هر شئي وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. زرداري مافيا کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا به دلچسپي ناهي سندن هڪ ئي مفاد آهي ته اقتدار ۾ رهي کين پئسا ڪمائڻا آهن
سندن چوڻ هو ته سنڌ جو محب وطن عوام اڄ به سڄاڳ آهي جيڪو سنڌ امڙ جي مالڪي لاءِ پنهنجو تن من ۽ ڌن قربان ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندو، سنڌي نوجوان سنڌ امڙ لاءِ پهريان به سر ڏنا آهن ۽ هاڻ به ڏيندا.
هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي، سنڌ جا نوجوان سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ۽ مالڪي لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا
هنن حڪمران کي چتاءُ ڏنو ته هو پنهنجي ناپاڪ ارادن کان هٿ کڻي وڃن ٻي صورت ۾ سنڌ جا نوجوان انهن جي ڀرپور رستا روڪ ڪندا