ڪارونجهر جي نيلامي خلاف اعلان جنگ، عوام تيار رهي: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي
جُولاءِ 31, 2023
حيدرآباد (رپورٽر) ڪارونجهر جي نيلامي واري معاملي تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي به گڏيل طور احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، قومپرستن جي اعلانيل احتجاج جي ڀرپور حمايت به ڪئي ويندي
سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ترجمان موجب 4 آگسٽ کان پوءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس منقعد ڪري حڪمت عملي جوڙي ويندي
سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي، سنڌ جو عوام حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج لاءِ تيار رهي
جلال شاهه چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ڪارونجهر تي حملو ڪندڙن خلاف اعلان جنگ هوندو، 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ساحلي پٽي، سنڌ جا ٻيٽ، ڪوئلو، تيل ۽ جبلن کي نيلام پئي ڪري
هن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، رهبر ڪاميٽي ۽ جسقم پاران اعلانيل احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي
سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي ترجمان پاران اهڙو بيان جاري ڪيو ويو آهي
جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران اڄ ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر بچايو سنڌ بچايو ريلي ڪڍي ويندي، سنڌ ترقي پسند پاران 4 آگسٽ تي ڊي جي مائينز ۽ منرلز جي آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، قومي عوامي تحريڪ پاران به 4 آگسٽ تي ريلين ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو هو، رهبر ڪاميٽي به 4 آگسٽ تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٻين قومپرستن پاران به ڌار ڌار احتجاج جا اعلان ڪيا ويا هئا