ڪارونجهر جي وارثن پاران جبل وڪڻڻ جي مزاحمت جو اعلان

جُولاءِ 28, 2023

ننگرپارڪر (ن پ ا) اسان پنهنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن جا مالڪ آهيون

ڪنهن واپاري کي وڪرو ڪرڻ ڪونه ڏينداسين اهڙن جذبن جو اظهار ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ڪوراسري، ڀوڏيسر، سوراچندم چتراسرم ڀيمررا، ڪئاڙا، فلپرو، ڀيتلي، راساني، ڏوڏواهه، بڙ تلاءُ، بڙ ڀوڏيسر، چوڙيو ٻهراڻو، چڻات نديءَ جو وانڍيو، ڊيڊويرو

 پاڙوڌرو، چڻيدا، ساڏورس، پورڻ، واهه موندرو، آڌيگام، سکپور، ڪاسٻو جي رهواسين سنڌي هاري تحريڪ عوامي تحريڪ جي هلايل ڪارونجهر بچايو. عوامي سجاڳيءَ مهم جي سلسلي ۾ اڳواڻن مصطفيٰ چانڊيو، اياز جمال چانڊيو، اوڀايو جوڻيجو، بلاول لاشاري، ڪلتار ميگهواڙ، ڀيم ڪولهي، کينئراج پياسي سان ڪيو

 هنن چيو ته اسان روپلو ڪولهي جي ڌرتيءَ جا وارث ڪارونجهر کي وڪرو ٿيڻ ڪونه ڏينداسين. 31 جولاءِ تي ننگرپارڪر ۾ اعلانيل ڪارونجهر جبل کي ليز تي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي احتجاج ۾ وڏي تعداد ۾ پهچي پنهنجو قومي فرض نڀائينداسين

سجاڳي مهم سڀاڻي تائين ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ جاري رهندي. جڏهن ته احتجاجي ريلي ۾ ٿرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان قافلا شرڪت ڪندا

Leave A Comment