ڪارونجهر دنيا مان ختم ٿيندڙ جانورن ۽ پکين لاءِ محفوظ پناهگاهه قرار: جبل ۽ جيوت جي حفاظت ڪريو: عالمي ادارو

نومبر 27, 2023

ڪراچي (رپورٽ: زوهيب سومرو) ماحولياتي تحفظ جي عالمي اداري آءِ يو سي اين ننگرپارڪر کي عالمي سطح تي خطري هيٺ آيل جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن جي محفوظ پناهگاهه قرار ڏيندي اُن جي حفاظت لاءِ رٿابندي تحت اپاءَ وٺڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جڏهن ته هاتار، نيل گائي، ڳجهن ۽  روهيڙي وڻ کي خطري هيٺ قرار ڏنو ويو آهي

ماحولياتي تحفظ جي عالمي اداري آءِ يو سي اين پاران سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جي سهڪار سان ٿرپارڪر ۾ جانورن، جيت جڻين، وڻن، ٻوٽن ۽ گاھه جي سروي ڪئي وئي، جنهن بعد آءِ يو سي اين پاران هڪ جامع رپورٽ جاري ڪندي نه پکين توڙي جانورن جي مختلف نسلن جي تحفظ تي زور ڀريو آهي، پر ڪارونجهر  تي به ماحولياتي سرشتي جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي

اھا سروي 2020 کان 2022ع تائين مختلف وقتن تي ڪئي وئي ۽ 2023ع جي آخر ۾ اُن جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب ٿرپارڪر ۾ ٻوٽن جون 149، پکين جون 187، کير ڏيندڙ جھنگلي جانورن جون 26، ايمپفيبينس يا پاڻي توڙي خشڪي جي جانورن جون 3، ريڙھيون پائيندڙ جانورن جون 20 ۽ بنا ڪرنگھي وارن جانورن جون 106 جنسون موجود آھن. جڏھن ته ساوڪ مان گُگر ۽ روھيڙو وڻن جو به اڀياس ڪيو ويو، جِن کي آءِ يو سي اين پاران ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪندي انتھائي خطري ھيٺ قرار ڏنو ويو آھي. رپورٽ موجب طبي ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ حد کان وڌيڪ استعمال سبب گاھ توڙي ٻوٽن جون ڪيتريون ئي جنسون زوال ڪنڌيءَ تي پھچي ويون آھن

ٿرپارڪر ۾ ماڻھن جي گذرسفر جو بنيادي وسيلو چوپايو مال آھي، جنھن ڪري جھجھي تعداد ۾ چوپايو مال پاليو ويندو آھي ۽ اُن جو دٻاءُ چراگاھن توڙي گئوچرن تي وڌي رھيو آھي. علائقي ۾ ھن وقت چوپائي مال جي آبادي 65 لک رڪارڊ ڪئي وئي آھي. چوپائي مال جي انگ ۾ غيرمعمولي واڌ جي نتيجي ۾ گاهه پٺي يا ساوڪ وارين زمينن تي دٻاءُ وڌي ٿو ۽ جھنگلي جيوت لاءِ جياپي جو وسيلو بڻيل علائقا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن. آءِ يو سي اين جي رپورٽ موجب پکين جي اڀياس دوران جھرڪي ۽ بلبل ھر جاءِ تي موجود نظر آيون، جڏھن ته چانهه پکي، ملهالو، سروٽي پڇ ملهالو ۽ وڏو ٻوڙو ملهالو پکي تمام گھٽ نظر آيا. جڏھن ته ايويئن انوينٽري ۾ ڳجھن جي ٽن جنسن کي انتھائي خطري ھيٺ قرار ڏنو ويو آھي، جِن ۾ لانگ بلڊ ولچر، ريڊ ھيڊيڊ ولچر ۽ وائيٽ رمپڊ ولچر شامل آھن. اُن سان گڏ عالمي سطح تي خطري ھيٺ قرار ڏنل پکين ۾ گوهڙ ۽ ميداني عقاب انهن ۾ شامل آهن

رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته عالمي سطح تي غيرمحفوظ قرار ڏنل 6 پکين جي ٽڙيل پکڙيل آبادي پڻ ٿرپارڪر ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جِن ۾ ٿرهانڊو، شهنشاهي عقاب، ڦلڦلو عقاب، تلور، چانهه يا چاري پکي ۽ ڪڪو عقاب شامل آهن. رپورٽ موجب ڪارونجھر جو جابلو سلسلو نمايان طريقي سان خطري ھيٺ آيل 14 پکين جي جنسن جو محفوظ آستانو ۽ جياپي جو وسيلو بڻيل آھن، جڏھن ته ڪارونجھر جبل باز ۽ ڳجھن جي بچي ويل جنسن لاءِ به محفوظ ٺڪاڻو بڻيل آھي. ھڪ پاسي ڪارونجھرتي وڻ ۽ ٻوٽا اُنھن پکين کي خوراڪ مھيا ڪن ٿا، ته ٻئي پاسي ننگرپارڪر ۽ سلام ڪوٽ جا وارياسا علائقا به غذائي وسيلو بڻيل آھن

Karoonjhar Mountain Range: The Majestic Jewel of Sindh - The Pakistan Traveler

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته سروي ۾ کير ڏيندڙ جھنگلي جانورن جا 14 نسل رڪارڊ ڪيا ويا آھن، جِن مان عالمي سطح تي خطري ھيٺ آيل هاتار جي آبادي انتھائي حد تائين زوال جو شڪار نظر آئي آھي. اُن کانسواءِ مقامي آبادي جي ڄاڻ جي بنياد تي ڀارتي سرحد سان جُڙيل علائقي ۾ ڏينھن توڙي رات جي وقت چُرپر ڪندڙ نيل گائي جو مشاھدو ڪيو ويو. جڏھن ته چنڪارَي کي ڪارونجھر جبل سان گڏ ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ جي وارياسن پٽن توڙي ٻيلن ۾ به ڏٺو ويو. سروي ۾ شڪاري جھنگلي جانورن جھڙوڪ گدڙ ۽ جھنگلي ٻلي جو به اڀياس ڪيو ويو

آءِ يو سي اين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڻ، ٻوٽا ۽ جانور نه رڳو ٿرپارڪر جي ڪمزور ماحولياتي سرشتي کي بهتر رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، پر مقامي آبادي لاءِ جياپي جو وسيلو پڻ بڻيل آهن. هن خطي ۾ جيڪي به غيرعمولي جهنگلي جانور موجود آهن، اُنهن ۾ نيل گائي، چنڪارو، ايشيائي بگهڙ ۽ جهنگلي ٻلو شامل آهن، پر اُنهن جي آبادي ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽجي رهي آهي. جڏهن ته عالمي سطح تي خطري هيٺ آيل جانور هاتار به ڪارونجهر جي پهاڙن تي آباد آهي. جڏهن ته اڀياس دوران ريڙهيون پائيندڙ ۽ پاڻي توڙي خُشڪي ۾ رهندڙ جانور به جهجهي تعداد ۾ رڪارڊ ڪيا ويا آهن

اُن کانسواءِ هتي مقامي پکين سان گڏ لاڏائو پکي ته گهڻي تعداد ۾ ايندا آهن. هن علائقي ۾ عالمي سطح تي خطري هيٺ آيل جانورن توڙي پکين جي موجودگي خطي جي ماحولياتي سرشتي جي غيرمعمولي اهميت کي بيان ڪري ٿي. آءِ يو سي اين جي رپورٽ موجب ننگرپارڪر ۾ وڻ ٽڻ، ٻوٽن، جيت جڻين، جانورن ۽ پکين جي پناهگاهن کي انساني استحصال کان بچائڻ جو طريقو هيل تائين ڪنهن به ٻئي طريقيڪار کان وڌيڪ اثرائتو رهيو آهي. ان جو سبب ماحولياتي سرشتي جو ادراڪ هجڻ آهي. ڪارونجهر خطري هيٺ آيل پکي ڳجهه ۽ جانور هاتار لاءِ محفوظ پناهگاهه آهي. جڏهن ته ڀارتي سرحد سان ڳنڍيل هتان جي علائقن ۾ چنڪاري ۽ نيل گائي کي به شڪارين کان محفوظ رکيو پيو وڃي. ڪارونجهر ماٿري تي خطري هيٺ آيل جانورن، پکي پکڻ ۽ توڙي ساوڪ کي رٿابندي تحت محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي

ماهرن پاران ڪارونجهر نيشنل پارڪ يا فطري ورثو قرار ڏيڻ جو مطالبو

جهنگلي جيوت جي ماهرن به ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ يا فطري ورثو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٿرپارڪر ۾ سروي ڪندڙ آءِ يو سي اين جي ٽيم ۾ شامل جهنگلي جيوت جي ماهر نويد سومرو چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ حياتياتي گوناگوني جون آرامگاهون يا ٺڪاڻا گهٽجي ويا آهن، اُنهن جا کوڙ سبب آهن

مثال طور چراگاهن تي گنجائش کان وڌيڪ مال جو ڀاڙڻ، وڻن جي ڇانگ يا واڍي، ڳري مشينري جو استعمال، قدرتي ساوڪ ختم ڪرڻ  ۽ زمين کي کيڙڻ به اُن جو سبب آهن. هُن چيو ته ٿرپارڪر جي وارياسن پٽن تي نانگ بلائن سوڌو ريڙهيون پائيندڙ جانور گهڻا هوندا هئا، پر اُتي نانگ تمام گهڻا گهٽجي ويا آهن، اهڙي ريت ٻيا به ريڙهيون پائيندڙ جانور ناياب ٿي ويا آهن، وڌيڪ تحقيقون ڪرڻ جي ضرورت آهي. نويد سومرو جو چوڻ هو ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ ۽ قومي ورثي جو درجو ڏيڻ گهرجي، جهنگلي جيوت جي ماهر سرور جمالي جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر تي تمام گهڻي حياتياتي گوناگوني موجود آهي

حڪومت کي اُن جي تحفظ لاءِ سنجيدگي سان اپائڻ وٺڻ گهرجن. حيرت جي ڳالهه آهي جو هن خطي ۾ به جهنگلي جيوت کاتي جو عملو نه هجڻ برابر آهي، هڪ اڌ آفيسر کانسواءِ ٻي ڪابه ٽيم ناهي، ته اهڙي صورتحال ۾ حياتياتي گوناگوني جو تحفظ ڪيئن ٿي سگهندو، ٿرپارڪر جهڙي خطي ۾ به  وائيلڊ لائيف کاتي جو گهربل عملو ڇو نٿو مقرر ڪيو وڃي. ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏنو وڃي ته چراغ، هرڻ، ڪاري هرڻ سوڌو ٻي جهنگلي جيوت کي تحفظ ملي ويندو

ٿر جي سونهن روهيڙو وڻ طبيبن ۽ واپارين جي نشاني تي، حفاظت جي ضرورت

ڪراچي: آءِ يو سي اين جي رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي ته روھيڙو وڻ سنڌ، بلوچستان ۽ انڊيا جي اُتر اولھه جي وارياسن علائقن ۾ موجود آھي. ھن وڻ کي آءِ يو سي اين پاران خطري ھيٺ قرار ڏنو ويو آھي

ھن وڻ کي لوهه جو وڻ يا لوهيڙو به سڏيو ويندو آھي، ڇا ڪاڻ جو ان جي ڪاٺي انتھائي مضبوط ٿئي ٿي، جنھن ڪري اُن جو فرنيچر ۽ اڏاوتي سامان ۾ گھڻو استعمال ڪيو ويندو آھي

جڏھن ته ھي وڻ مختلف مرضن خلاف به خاصيتون رکي ٿو. ھن غيرمعمولي وڻ جو انگ زوال جو شڪار ٿي ويو آھي. طب ۽ ٽمبر جي شعبن ۾ حد کان وڌيڪ استعمال جي ڪري ھن وڻ خطري ھيٺ اچي ويو آھي

ٿرپارڪر ۾ ڳجهن ۽ بازن جا مختلف نسل خطري هيٺ قرار

ڪراچي: ماحولياتي تحفظ جي عالمي اداري آءِ يو سي اين جي پورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڦلڦلو عقاب، شهنشاهي عقاب، ڪڪو عقاب، وائيٽ ريمپڊ ڳجهه، ڪامن پرچڊ، درياهي کُرو غيرمحفوظ قرار ڏنو ويو آھي

جڏهن ته جابلو ڳجهه ۽ ڪوئا مار باز کي انتھائي خطري ۾ ھجڻ واري درجي بندي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. اُن کانسواءِ گوهڙ کي به خطري ھيٺ قرار ۽ تلور کي غير محفوظ قرار ڏنو ويو آھي

ان کانسواءِ وڻ ٽڻ، ٻوٽن ۽ گاھه پٺن جو به سائنسي بُنيادن تي اڀياس ڪيو ويو، جنھن تحت تيار ڪيل رپورٽ ۾ روھيڙو وڻ کي خطري ۽ گُگر ٻوٽي کي انتھائي خطري ھيٺ ھيٺ قرار ڏنو ويو آھي. ائين اھي ٻئي ٿرپارڪر مان غائب ٿيندا پيا وڃن

ماهرن پاران ڪارونجهر نيشنل پارڪ يا فطري ورثو قرار ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي: جهنگلي جيوت جي ماهرن به ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ يا فطري ورثو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٿرپارڪر ۾ سروي ڪندڙ آءِ يو سي اين جي ٽيم ۾ شامل جهنگلي جيوت جي ماهر نويد سومرو چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ حياتياتي گوناگوني جون آرامگاهون يا ٺڪاڻا گهٽجي ويا آهن، اُنهن جا کوڙ سبب آهن، مثال طور چراگاهن تي گنجائش کان وڌيڪ مال جو ڀاڙڻ، وڻن جي ڇانگ يا واڍي، ڳري مشينري جو استعمال، قدرتي ساوڪ ختم ڪرڻ  ۽ زمين کي کيڙڻ به اُن جو سبب آهن. هُن چيو ته ٿرپارڪر جي وارياسن پٽن تي نانگ بلائن سوڌو ريڙهيون پائيندڙ جانور گهڻا هوندا هئا، پر اُتي نانگ تمام گهڻا گهٽجي ويا آهن، اهڙي ريت ٻيا به ريڙهيون پائيندڙ جانور ناياب ٿي ويا آهن، وڌيڪ تحقيقون ڪرڻ جي ضرورت آهي. نويد سومرو جو چوڻ هو ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ ۽ قومي ورثي جو درجو ڏيڻ گهرجي، جهنگلي جيوت جي ماهر سرور جمالي جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر تي تمام گهڻي حياتياتي گوناگوني موجود آهي. حڪومت کي اُن جي تحفظ لاءِ سنجيدگي سان اپائڻ وٺڻ گهرجن. حيرت جي ڳالهه آهي جو هن خطي ۾ به جهنگلي جيوت کاتي جو عملو نه هجڻ برابر آهي، هڪ اڌ آفيسر کانسواءِ ٻي ڪابه ٽيم ناهي، ته اهڙي صورتحال ۾ حياتياتي گوناگوني جو تحفظ ڪيئن ٿي سگهندو، ٿرپارڪر جهڙي خطي ۾ به  وائيلڊ لائيف کاتي جو گهربل عملو ڇو نٿو مقرر ڪيو وڃي. ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏنو وڃي ته چراغ، هرڻ، ڪاري هرڻ سوڌو ٻي جهنگلي جيوت کي تحفظ ملي ويندو.

Leave A Comment