ڪارونجهر:هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد پاران 4 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

آگسٽ 1, 2023

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن حيدرآباد 4 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو ٺهراءِ پاس ڪري ڇڏيو

بار جي جنرل سيڪريٽري ميان تاج ڪيريو موجب سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر سميت ٻين معدني وسيلن جي نيلامي لاءِ 4 آگسٽ وارو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو، هاءِ ڪورٽ بار ان ڏينهن کي بليڪ ڊي طور ملهائيندي ۽ عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو

سندس چوڻ هو ته اسان شروعاتي طور به ڪارونجهر جي نيلامي کي رد ڪرڻ لاءِ ٺهراءِ پاس ڪيو هو اڄ به ٺهراءِ پاس ڪيو آهي سنڌ ۾ وڪيل برادري 4 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندي

هن چيو ته ٻيهر پاڪستان بار ڪائونس، سنڌ بار ڪائونسل، ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن جي بارز کي به اپيل ٿا ڪريون ته هي قومي ورثو آهي جنهن جي نيلامي تي هو به گڏيل طور احتجاج رڪارڊ ڪرائين

ميان تاج ڪيريو چيو ته زنده قومون پنهنجي ثقافت کي ڪڏهن به ناهن وسارينديون اسان به قومي ورثي تي ڪنهن کي به ڌاڙي هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ضرورت پئي ته ان جو به دروازو کڙڪايو ويندو

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سمورا ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيا آهن اها سٺي ڳاله آهي پر کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي ها

پهرين سوچيو وڃي ها ته هو سنڌ جي اثاثن جي نيلامي ڪيئن ٿي ڪري سگهي

Leave A Comment