ننگرپارڪر (ن پ ا) سنڌ جي سونهن ڪارونجهر سان ڇيڙڇاڙ بند نه ٿي ، ڪارونجهر جا قيمتي گرينائيٽ جا پٿر لياري ڊيم جي پيچنگ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا آهن
ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ٺيڪيدار پئسا بچائڻ لاءِ ڄامشورو بدران ڪارونجهر جا پٿر استعمال ڪرڻ لڳو آهي . روزانه سون جي تعداد ۾ پٿرن جا ڇڪڙا ڀري ڊيم تي پهچائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي
اطلاع تي ڪارونجهر سجاڳ فورم جو اڳواڻ الهرکيو کوسو پوليس سان گڏ ڄاڻايل ڊيم تي پهتو ته ٺيڪيدار غائب ٿي ويو
جڏهن ته پوليس ٺيڪيدار جي منشي تي ڪارونجهر جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري واپس اچي وئي ٺيڪيدار خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي. ان ڏس ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي
سول سوسائٽي جي احتجاج ۽ چونڊيل نمائندن جي دعوائن باوجود ڪارونجهر جي ڪٽائي اڄ به جاري آهي نوٽيس وٺي ڪارونجهر بچايو وڃي