| ڪارونجهر سنڌ جي سڃاڻپ آهي، سندس حفاظت ڪبي: مراد شاهه |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته جبل قدرتي حسن، ماحولياتي توازن ۽ وسيلن جي تحفظ جي بنيادي علامت آهن، جبلن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ جبل، ريگستان، درياءَ ۽ سمنڊ جهڙيون انمول قدرتي نعمتون موجود آهن جيڪي صوبي جي سڃاڻپ ۽ قدرتي ورثو آهن، جبل اسان جي ماحول جي بقا ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا۔ وڏي وزير زور ڀريو ته جابلو علائقن جي قدرتي وسيلن جي حفاظت لازمي آهي۔ ماحولياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جبلن جو تحفظ ضروري آهي ته جيئن ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي۔ هن چيو ته ڪارونجهر ۽ کيرٿر جابلو سلسلا پاڪستان جي قدرتي حسن جون اهم علامتون آهن۔ ھن چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ آهي، حڪومت انهي جي مڪمل حفاظت کي يقيني بڻائيندي، کيرٿر رينج برساتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته گورک هِل اسٽيشن انهي سلسلي جو دلڪش ۽ تاريخي هنڌ آهي، هن اپيل ڪئي ته عوام ماحول، جبلن ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،