سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي ڪورڻ ۽ ان جي ڀڃ ـ ڀور واري ارادي تي اٽل بڻجي بيٺل آهي. اھا نه عوامي احتجاج کي ليکي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي وري سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سک چين سان ويٺي ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ويئي ۽ ستاويهين آئيني ترميم کانپوءِ معاملو وفاقي آئيني عدالت ۾ کڻي ويئي آهي، جتي ان اپيل جي ٻڌڻي اڄ رکيل آهي. سنڌ سرڪار جي وڪيل صلاح الدين احمد ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي وارو ڪيس عدالت ۾ وڙھڻ کان انڪار ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار جي اھڙي روش تي وڪيلن شنوائي واري ڏينهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ کان وزير اعلي هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مقامي ماڻهن ۽ سنڌ جي اجتماعي شعور جي مزاحمت باوجود حڪومت سپريم ڪورٽ بعد هاڻي وفاقي آئيني عدالت مان رليف وٺڻ جي واٽ ورتي آهي. ڪارونجهر کي ڪپڻ ۽ ڪورڻ بدران بهتر اهو آهي ته ان کي عالمي ورثو قرار ڏيارڻ واري جدوجهد ڪجي، ان جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن، پر ان جي ابتڙ سنڌ جا حڪمران معاملو وفاقي آئيني عدالت ۾ کڻي ويا آهن، اھو ڄاڻڻ جي باوجود به ته ڪارونجهر ٿر جي ماحوليات جو محافظ آهي. ڪارونجهر اڻ ڳڻين برساتي نئين ذريعي ٿر جي اڃايل زمين کي سيراب ڪرڻ جو به وسيلو بڻيل آهي. هي جبل ناياب ۽ خطري هيٺ آيل جهنگلي جيوت جو فطري مسڪن آهي. وڻن ٽڻن، قيمتي ٻوٽين کي پنهنجي جهولي ۾ نپائيندڙ هن جبل سان مقامي ماڻهن جو جذباتي لڳاءُ آهي. اسان اڳ به ھنن ئي ڪالمن ۾ اھو چوندا رهيا آهيون ته مقامي ماڻهو ان مھا ڏونگر کي ديوتا جو درجو ڏين ٿا. صرف اهو ئي نه پر هن جبل سان ھڪ ڊگھي تاريخ سلهاڙيل آهي. ان جبل جي هر پٿر ۾ تاريخ ساهه کڻي رهي آهي. هي جبل ڌارين غاصبن سان سنڌ جي ماڻهن جي جھيڙڻ ۽ آخري پساهن تائين شاندار مزاحمت جو پڻ شاهد آهي. ان کانسواءِ هي جبل سنڌ جو هڪ اهم سياحتي ماڳ آهي، جتي هر سال لکين ماڻهو سياحت لاءِ اچن ٿا. صرف معدنيات جي نالي ۾ سنڌ کي ماحول جي محافظ، نباتات ۽ ناياب جهنگلي جيوت جي فطري مسڪن، مزاحمتي تاريخ جي شاهد، مقامي ماڻهن جي روزگار جي ذريعي، هڪ شاندار سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ کان محروم ڪرڻ واري رٿا ڪهڙي سنڌ دوستي آهي؟ سنڌ جا حڪمران هر صورت ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي واري هوڏ تي قائم آهن. ايتري قدر جو اهي ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪرائي ان کي عالمي ورثو قرار ڏيارڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ بدران اهو فيصلو رد ڪرائڻ ۽ ڪارونجهر کي ڪپڻ ڪورڻ جي اجازت لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويا هئا ۽ هاڻي وري اهو معاملو وفاقي آئيني عدالت ۾ کڻي ويا آهن، جنھن مان انھن جي ڪارونجهر سان ڪيني کي پروڙي سگهجي ٿو. ڪارونجهر جبل جنگلي جيوت جي لاءِ فطري پناهه گاهه آهي. اتي آرڪيالاجيڪل سائيٽس آهن، مقدس هنڌ آهن، ان سان هڪ سڄي ساري تاريخ سلهاڙيل آهي. اهو جبل ٿر جي ايڪو سسٽم جو محافظ پڻ آهي، ڪئين برساتي نديون ۽ نئيون کڻي هي جبل اڃايل ٿر جي اڃ اجهائي ۽ ماحوليات کي بچائي ٿو.
جڏھن به سنڌ جو عوام پنھنجي وسيلن جي وارثي لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو ته ھميشه ان کي ترقيءَ جي دشمن ھجڻ جو طعنو ڏنو ويندو آهي پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به ترقي جو دشمن نه رهيو آهي، اهو جٽادار ترقي چاهي ٿو. ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ان جي وسيلن کان محروم ڪجي، ان کي ڪنهن به ريت ترقي نٿو چئي سگهجي. سنڌ جي ماڻهن ترقي جي نالي ۾ هلندڙ ڪاري سون جي پراجيڪٽ کي به ڏسي ورتو ۽ اهو پڻ ڏٺو ته ان مان ٿر جي ماڻهن کي ڪيترو فائدو ٿيو ۽ ڪيترو روزگار مليو! سنڌ جا حڪمران جنهن گس تي هلي رهيا آهن، اهو سنڌ جي قدرتي وسيلن جي تحفظ جو گس ناھي، ان ڪري تدبر جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي معدنيات، تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي. وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل اپيل واپس ورتي وڃي.