ڪارونجهر معاملي تي باهه ٻري وئي، ٽينڊر واپس ورتو آهي: شبير بجاراڻي

جُولاءِ 24, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) معدنيات واري صوبائي وزير شبير بجاراڻي چيو آهي ته ڪارونجهر واري معاملي تي سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي باھه ٻري وئي آهي

سنڌا سيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسانجي کاتي جو اهو مقصد ناهي ته ان کي نيلام ڪجي، ننگر پارڪر ۾ خوبصورتي منظر آهن، اسان هڪ ڪاميٽي به جوڙي هئي، ڪاميٽي جا ميمبر ۽ ڊي سي مٺي به اتان جو جائزو ورتو

هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن به ڪارونجهر جو جائزو ورتو آهي  وڏي وزير کي رپورٽ ڏيندي، ڪارونجهر کي ليز ٿيڻ نه ڏبو، مائنز کاتو ليز جي مخالفت ڪري ٿو، اهڙو ٽينڊر به واپس ورتو ويو آهي

Leave A Comment