| ڪارونجهر ٽوڙڻ سنڌ جو روح زخمي ڪرڻ آهي: وڏي وزير کي خط |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر جي معاملي تي اپيل داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جي حوالي سان ڪو به منفي فيصلو قبول نه ڪندا، آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اسرار حسين چانگ ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ کي هڪ خط لکي واضح ڪيو آهي ته اوهان جي حڪومت پاران ڪارونجهر جي معاملي تي وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪيل اپيل وارو عمل مذمت جوڳو آهي جنهن جو مقصد ڪارونجھر جبل کي ليز تي ڏيڻ آهي. ڪارونجهر رڳو پٿرن جو ڍير ناهي پر اهو جبل سنڌ جي روح تاريخ عقيدت ۽ فطري ورثي جو زنده اظهار آهي ڪارونجھر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ سنڌ جي روح کي زخمي ڪرڻ جي برابر آهي هي جبل صدين کان صوفين، سنتن، شاعرن، مسافرن ۽ مقامي برادرين جي عقيدت جو مرڪز رهيو آهي۔ هن جون چوٽيون دعائن جون شاهد، آهن ان جي خاموشي عبادت ۽ ان جي هوا سنڌ جي تاريخ جو ساھ بڻيل آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي حڪومت جو هي قدم رڳو آئيني اصولن جي ڀڃڪڙي ئي ناهي پر ڪيترن ئي بين الاقوامي معاهدن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي، اهڙي ڀڃڪڙي بند ڪئي وڃي. جن ۾ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي وارو ڪنوينشن، حياتياتي تنوع جو ڪنوينشن گڏيل قومن جي مقامي قومن جي حقن بابت پڌرنامون ۽ پيرس ماحولياتي معاهدو شامل آهن، خط مطابق 27 هين آئيني ترميم ذريعي قائم ڪيل وفاقي آئيني عدالت صوبي جي خودمختياري تي سڌو سنئون حملو آهي، هي ترميم وفاقي بالادستي مڙهڻ جو جواز بڻجي رهي آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي زمين، وسيلن ۽ ثقافت تي قبضي کي آئيني تحفظ فراهم ڪرڻ آهي۔ هن چيو ته فيڊرل انوسٽيٽيوشنل فيسليٽيشن ڪائونسل (FIFC) جي ذريعي سنڌ جون زمينون اڳ ئي ڪارپوريٽ ادارن حوالي ڪيون ويون آهن۔ گرين انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالن هيٺ ٿيندڙ معاملا سنڌ جي هارين، مقامي برادرين ۽ فطري توازن جي کليل ڀڃڪڙي آهن۔ خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ کي ٻيو فلسطين بڻجڻ نه ڏنو ويندو۔ اسين پنهنجي زمين کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين نه پنهنجو ورثو نيلام ٿيڻ ڏينداسين ۽ نه ئي وري پنهنجي خودمختياري کي قانوني چالاڪن حوالي ٿيڻ ڏينداسين۔ سنڌ جا وڪيل ڌرتي جا محافظ ۽ ورثي جا امانتدار اهو اعلان ٿا ڪريون ته ڪارونجهر جي ليز کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو اسين وڪيل وفاقي آئيني عدالت وسيلي سنڌ تي قبضي جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين ۽ هر فورم تي مزاحمت ڪنداسين هر عدالت ۾ آواز بلند ڪنداسين ۽ هر گهٽي، هر چوڪ ۽ هر جبل تي سنڌ جي خودمختياري جو جهنڊو لهرائينداسين خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته مطالبو ڪريون ٿا ڪارونجهر خلاف داخل ڪيل اپيل فوري طور واپس ورتي وڃي۔ ڪارونجهر کي مستقل ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثو قرار ڏنو وڃي اي سي آء ايف سي تحت سڀني زمينن جون منتقليون منسوخ ڪيون وڃن۔ 27هين ۽ 28هين آئيني ترميمن کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي سنڌ جي عوام ۽ ادارن سان بغير مشاورت جي ڪا به فيصلو سازي نه ڪئي وڃي۔ خط ۾ وزير اعلیٰ کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته اوهان وٽ اڃا به وقت آهي, اوهان سنڌ سان بيهڻ جو فيصلو ڪري سگهو ٿا يا انهن سان جيڪي سنڌ کي ميسارڻ چاهين ٿا جيڪڏهن اوهان هي رستو جاري رکندو ته تاريخ اوهان کي سنڌ جي سڄڻن ۾ شمار نه ڪندي۔ خط جي آخر ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر اڪيلو ناهي سنڌ اڪيلي ناهي اسين نه جهڪنداسين نه وسارينداسين ۽ نه معاف ڪنداسين۔