ڪارونجهر ڪورڻ خلاف مزاحمت جو اعلان: 26 ۽27 ترميمون، پيڪا ايڪٽ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ قبول ناهن: وڪيل ڪنوينشن 

ڪارونجهر ڪورڻ خلاف مزاحمت جو اعلان: 26 ۽27 ترميمون، پيڪا ايڪٽ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ قبول ناهن: وڪيل ڪنوينشن 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ/عرفان شاهه) ڪراچي ۾  آل پاڪستان لائرز ڪنوينشن:  ڪارونجهر جبل جي ڪٽائيءَ خلاف مزاحمت جو اعلان: 26 ۽ 27هين ترميمون، پيڪا ايڪٽ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪرڻ۾ جي گهر: پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو به مطالبو، ڪالهه  هتي  لائر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته 8 فيبروري 2024ع تي  عوام پنهنجو صاف ۽ چٽو فيصلو ڏنو هو، جنهن کي ڪنڊائتو ڪري نااهل  مڙهيا ويا، هن چيو ته  باني پي ٽي آءِ قوم جي اميدن جو مرڪز آهي، هتي جبر جو نظام قائم ڪيو ويو آهي، آئيني  ترميمون انهيءَ جبر واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيون آهن, ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي غريبن کي سندن حقن کان پري ڪيو پيو وڃي، اڄ اسان ظلم خلاف بيٺل آهيون, ماه رنگ بلوچ بلوچستان جي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي, جڏهن اسان 2007ع ۾ نڪتا هئاسين، تڏهن به جبر خلاف بيٺل هئاسين، پاڪستان جي غريب ماڻهن لاءِ اسان کي وڙهڻو پوندو اڄ ضروري آهي ته اسان ٻاهر نڪري آواز بلند ڪريون, لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر عثمان باجوه چيو ته اسان جو آواز ڪالهه به آئين جي سربلندي لاءِ هو، اڄ به ساڳئي مقصد لاءِ آهي, اڄ عدليه کي تمام گهڻو ڪمزور ڪيو ويو آهي, آئيني ترميمن جوڊيشل سسٽم کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي سيڪريٽري راجا جواد اقبال چيو ته اسان کي قانون جي حڪمراني ، عدليه جي آزادي ۽ قانون سازي بابت به ڳالهائڻو پوندو,لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر ربيعه باجوه چيو ته چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ججن جي بدلين تي اسٽينڊ ورتو آهي, اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جوڊيشل سسٽم ۾ مداخلت کي بي نقاب ڪيو هو,سنڌ بار ڪائونسل  جي حق نواز ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن خيبر پختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان گڏ به ٿي وڃن، تڏهن به پنجاب جو مقابلو نٿا ڪري سگهن, وفاقي حڪومت به هڪ ناڪام نظام بڻجي وئي آهي, اسان جيڪي تحريڪ هلائيندا آهيون، اهي به گهڻو ڪري ڪنهن ايليٽ طبقي لاءِ هلائيندا آهيون, هن چيو ته جي ايم سيد به هڪ ڊگهي عرصي تائين هن ئي نظام سبب قيد ۾ رهيو، هن چيو ته ايمان مزاري لاءِ ماڻهو آواز اٿارين ٿا، پر اسان جي بلوچ ڀائرن لاءِ ڪو به ڳالهائڻ وارو ناهي, سينيئر قانوندان علي احمد ڪرد چيو ته ڪراچي ۾ 47 وڪيلن  قرباني ڏني, اسلام باد ۾ ريمورٽ ڊوائيس ذريعي وڪيلن ۽ عوام کي ماريو ويو,  اسان  لاءِ سچ ڳالهائڻ ڏوهه ٿي ويو آهي, ملڪ خاطر  25 ڪروڙ عوام کي اٿڻو پوندو, ملڪ  جو 99.9 سيڪڙو عوام عمران خان ۽ ماهرنگ بلوچ سان گڏ آهي اوهين بلوچن کي بندوق ڏيکاري ڊيڄاري نٿا سگهو, هن چيو ته خدا جي واسطي ملڪ کي بچايو, ايندڙ وقت تمام خطرناڪ آهي, ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر بيرسٽر عابد زبيري چيو ته هاڻي ته 28هين ترميم ايندي ۽ سنڌ کي ورهايو ويندو, ملڪ جي آئين کي پائمال ڪرڻ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته اسان 26۽ 27هين ترميمن خلاف درخواستون داخل ڪري رهيا آهيون.  ام رباب چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام قائم آهي, مون  پنهنجي والد، چاچا ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس جي 8 سال تائين پيروي ڪئي، 400 پيشين تي حاضر ٿيس، انهي باوجود سڀني جوابدارن کي باعزت بري ڪيو ويو, عامر وڙائچ چيو آهي ته ڪارونجهر  جي ڪٽائي ۽ ام رباب کي انصاف نه ملڻ تاريخ جو الميو آهي، جعفر شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به قانون جي حڪمراني ناهي، عورتون سرعام قتل ٿي رهيون آهن، وڪيل اشرف سمون چيو ته پئٽرول 400 رپيا في لٽر ٿي ويو آهي، پيڪا ايڪٽ سبب ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، وڪيلن کي تحريڪ هلائڻي پوندي، اسرار چانگ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، فيصلي کي سنڌ حڪومت وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي، فوري طور سنڌ حڪومت درخواست واپس وٺي، ڪي بي لغاري چيو ته ماڻهو هاڻي روڊن تي نڪرندا ۽ ڪير به تحريڪ کي روڪي نه سگهندو، ارشد شر چيو ته ڪنوينشن ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي کي مين پوائنٽ تي رکيو ويو هو