ڪارونجهر ڪورڻ لاءِ وزير پاڻ ننگر پهچي ويو: 30 سيڪڙو ٺيڪا مقامي ٺيڪيدارن کي ڏيڻ جو لالي پاپ: رهواسين جو ڌرڻو

ڊسمبر 26, 2023

مٺي/ننگرپارڪر(رپورٽر+ ن پ ا)معدنيات جي نگران وزير خدا بخش مري چيو آهي ته ڪارونجهر تي معدنيات جي ڪٽائي جا 30 سيڪڙو ٺيڪا مقامي ماڻهن کي ڏنا ويندا، معدنيات تي هڪ سيڪڙو به وفاق کي نه ڏنو ويندو، ترقي جا دشمن ڪجهه ماڻهو معدنيات استعمال نه ڪرڻ جي پروپئگنڊا ڪري هيا آهن. ننگرپارڪر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خدا بخش مري چيو ته آمريڪا، چين ۽ ڀارت سوڌو سڌريل ملڪ معدنيات استعمال ڪري ترقي ڪري رھيا آھن، معدنيات استعمال نه ڪرڻ جي پروپينگنڊا اھي ڪري رھيا آھن، جيڪي معدنيات جا دشمن آھن. هُن چيو ته آئون ٻيهر ايندس ۽ ننگرپارڪر ۾ وچ چوڪ تي ٻڌائيندس ته معدنيات ڪيتري ضروري آھي، ڪارونجھر جبل ۾ ڪجهه مذھبي عبادتگاھون آھن، ڪير ٻڌائي ته اڄ تائين ڪيترا مندر ڊاٺا ويا آهن؟ معدنيات جي وزير جو چوڻ هو ته ٿر معدني وسيلن سان مالا مال آھي پر ٿر جا ماڻھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن، ھي معدنيات نڪري ھا ۽ ھتي انڊسٽري لڳي ھا ته ماڻھو خوشحال ھجن ھا، ڪارونجھر جي معدنيات مان وفاق کي هڪ سيڪڙو به نه ڏينداسين، ڪجهه ماڻهو ترقي جا دشمن آھن، واعدو ڪريان ٿو ڪارونجھر ۾ جيڪي مذھبي عبادتگاھون آھن ان جي چوڌاري 200 ميٽر تائين بائونڊري وال ڏئي حفاظت ڪئي ويندي. واحد بخش مري چيو ته ڪارونجھر تي گرينائيٽ جي ڪٽائي جو 30 سيڪڙو ٺيڪو مقامي ٺيڪيدارن کي ڏنو ويندو ان موقعي تي مقامي ماڻهن ميڊيا بريفنگ دوران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف دانهون ڪيون، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو ، ذوالفقار کوسو ، مصطفي دل ، سڌير راٺوڙ ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر اسانجي جياپي جو ذريعو آهي ، ڪارونجهر ۾ اربين روپين جا 30 کان مٿي ڊيم ٺاهيا آهن پوءِ  اهي ڊيم ٺاهڻ جو ڪهڙو فائدو ، هنن چيو ته ڪارونجهر جي تاريخي حيثيت آهي ۽ سياحتي مرڪز آهي لکن جي تعداد م سياح ڪارونجهر گهمڻ لاءِ اچن ٿا . ڪارونجهر لکين جاندارن جي جياپي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو واحد ذريعو آهي. هنن وزير کي چيو ته جڏهن هاءِ ڪورٽ جو حڪم آيل آهي ته ڪارونجهر مائيننگ جي ذمري ۾ نٿو اچي پوءِ اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ ڪارونجهر جي مائننگ جون ڳالهيون پيا ڪريو اوهانکي ڪوبه حق ناهي . ٻئي طرف ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر جي امڪاني ليزن ۽ معدنيات جي نگران صوبائي وزير مير خدا بخش مري پاران ميڊيا کي ڪارونجهر جو دورو ڪري حقيقتن جي اُبتڙ انگ اکر ڏيکارڻ خلاف مقامي ماڻهن سان گڏجي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الھرکيو کوسو، مصطفي دل، ڪلتار ميگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت ضد تي آھي ته زبردستي ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري ڪجهه سرمائيدارن جا پيٽ ڀريا وڃن، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ڊبل بئنچ پنهنجي فيصلي ۾ واضع لکيو آھي ته ڪارونجهر معدنيات کاتي جي ملڪيت ناھي ۽ اُتي معدنيات سان متعلق ڪا ڪٽائي ۽ کوٽائي نٿي ڪري سگهجي، ان باوجود معدنيات کاتي جو وزير ميڊيا جون ٽيمون وٺي من پسند ماڻهن کان انٽرويو ڪري ڪارونجهر جي ليزن لاءِ رستا ٺاهي رهيو آهي، جيڪا سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي سراسر ڀڃڪڙي آھي، ھنن چيو ته مقامي ماڻهون مختلف فورمن تي ڪارونجهر جي ڪٽائي رد ڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي به رد ڪري ٿو، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر کي محفوظ بڻائي ان کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي.

Leave A Comment