ڪارونجهر ڪورڻ نه ڏينداسين : ڪراچي ۾ ساڃاهه وندن جو مظاهرو: تحريڪ هلائڻ جو اعلان

جنوري 30, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪارونجهر کي ڪورڻ لاءِ هلندڙ حڪومتي مهم خلاف  ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ننگرپارڪر واسين ۽ سول سوسائٽي پاران ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو

احتجاج ۾ ننگرپارڪر واسين الهرکيوکوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري، دليپ ڪمار، سنڌ انڊيجينيس فورم جي اڳواڻ حفيظ بلوچ، وڪيلن مرتضيٰ کھڙو، وسند ٿري، ڪاظم مھيسر، سينئر صحافي سھيل سانگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ڪارونجهر جي ماڻهن جو فرياد کڻي حڪمرانن کي ٻڌائڻ آيا آھيون ته ڪارونجهر سنڌ جو قومي سياحتي، ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ماڳ ھئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آھي،

اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر سان هڪ لک کان مٿي انساني آبادي، جهنگلي جيوت ۽ پکين جي زندگيءَ سلھاڙيل آھي، ڪارونجهر رامسر سائيٽ آھي، ساڳئي وقت  اهو وائلڊ لائيف گيم سينچري قرار ڏنل آھي

سندن چوڻ هو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪارونجهر کي محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي ، تازو  آءِ يو سي اين پنهنجي رپورٽ ۾ ڪارونجهر کي ناياب جهنگلي جيوت جي واحد پناهه گاهه ڄاڻايو آهي

هنن چيو ته حڪومت ھڪ پاسي ڪارونجهر کي ڪورڻ جي تياري پئي ڪري، ٻئي پاسي عالمي بينڪ جي تعاون سان 20 ارب رپين کان مٿي پئسا خرچ ڪري 40 کان وڌيڪ سمال ڊيم ٺاھيا ويا آھن، جن جي ڀرجڻ جو واحد ذريعو ڪارونجهر جبل آھي

اڳواڻن چيو ته معدنيات وارو صوبائي وزير مير خدا بخش مري تازو پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪندڙ ترقي جا دشمن آھن  اسان کيس ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته تباھي ترقي ناھي ھوندي، اسان ھر سال ڪارونجهر مان وھندڙ پاڻي کي ڊيمن  ۾روڪي ان مان اربين رپين جي اُپت ڪمايون ٿا

ھنن وڌيڪ چيو ته حڪومت عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ بجاءِ ڪارونجهر کي ڪورڻ لاءِ ڪات ڪھاڙا کڻي ڪاھي پيل آھن

اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته  اها سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي،  ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھڻڻ سان گڏوگڏ  عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي

Leave A Comment