| ڪارونجهر ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلي: عمرڪوٽ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ |
عمرڪوٽ (ن پ ا) ڪارونجهر جو ڪيس آئيني عدالت ۾ ھلائڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي بار جي وائس پريزيڊنٽ ميان بخش کوسو پاران ريزوليشن جاري ڪندي چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي وارو ڪيس آئيني عدالت کڻي وڃڻ وڏي ناانصافي آھي اسان سمجھون ٿا ته آئيني عدالت ڪارونجهر جبل کي ڪٽائي ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪندي جيڪو سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي ماڻهن تي وار آھي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارونجهر جبل جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ھلڻ ڏنو وڃي.