ڪارونجھر جي تحفظ لاءِ احتجاج کي مهينو مڪمل

ڪارونجھر جي تحفظ لاءِ احتجاج کي مهينو مڪمل

ننگرپارڪر (ن پ ا) ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران سنڌ حڪومت طرفان داخل ڪرايل اپيل واپس وٺرائڻ ۽ ڪارونجهر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪري نيشنل پارڪ جو درجو ڏيارڻ لاءِ لڳايل احتجاجي ڪيمپ کي هڪ مهينو پورو ٿي ويو آهي، پر حڪومت پاران اڃا تائين اپيل واپس ناهي ورتي وئي. ڪارونجهر سجاڳ فورم طرفان 15 نومبر تي پريس ڪلب ننگرپارڪر آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا ٽيهه ڏينهن کان لڳاتار جاري آهي. احتجاجي ڪيمپ ۾ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي ڪيمپ کي خطاب ڪندي اڳواڻن الهرکيو کوسو، مصطفيٰ دل ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر سجاڳ فورم گذريل ستن سالن کان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪرائڻ ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو اهم سياحتي، ثقافتي، تهذيبي، مذهبي ۽ قومي ماڳ آهي، جنهن کي گذريل حڪومتن مختلف ڪمپنين کي نيلام ڪري نقصان پهچايو. هنن ياد ڏياريو ته سال 2023ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي مڪمل طور تي روڪرائڻ ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ بابت تاريخي فيصلو ڏنو هو، پر ان فيصلي خلاف نگران حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جيڪا هاڻي وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت وڪيلن آڏو واعدو ڪيو هو ته پندرهن ڏينهن اندر اپيل واپس ورتي ويندي، پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود به اپيل واپس نه وٺي وئي آهي، جيڪو عوام سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته تازو انڊس ويلي جي قديم موسيقي اوزار “ڀوڙيندو” کي يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو تاريخ ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ ساراهه جوڳو قدم آهي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت ۽ ثقافت واري وزير ذوالفقار شاه ڪارونجهر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ خاموش آهن. اڳواڻن ننگرپارڪر مان چونڊيل ايم پي اي قاسم سراج سومرو جي ڪارونجهر بابت بيان جي آجيان ڪندي چيو ته مقامي چونڊيل نمائندو مقامي ماڻهن جي آواز سان گڏ بيٺل آهي، پر ساڳئي پارٽي جي سنڌ حڪومت طاقتور ڌرين آڏو بيوس نظر اچي ٿي. آخر ۾ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور ڪارونجهر وارو ڪيس وفاقي آئيني عدالت مان واپس وٺي، ڪارونجهر کي يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائي ۽ ان کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، تيستائين جدوجهد جاري رهندي.