| ڪارونجھر خوبصورت ماڳ آهي، ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس: چيف جسٽس |
ننگرپارڪر/مٺي(نمائندن وٽان) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ڪالهه ٿر جي دوري تي مٺي۽ ننگرپارڪر پهتو. ان موقعي تي ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن جي صدر موهن منٺاراڻي،جنرل سيڪريٽري ڪنور امر نائب صدر ظهير الدين نهڙيو جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحي آفريدي سان ننگرپارڪر ۾ ملاقات ڪئي. ٿرپارڪر بار جي وڪيلن ڪارونجهر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکڻ جي التجا ڪئي. وڪيلن چيف جسٽس کي ٻڌايو ته ڪارونجھر تي هرسال لکين ماڻهو گهمڻ ايندا آهن جنهن سبب هي مقامي ماڻهن لاءِ وڏي وڏو معاشي ذريعو آهي ۽ ڪارونجھر جي هر پٿر جي حفاظت لاءِ ورلڊ هئريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحي آفريدي ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي چيو ته مون ڪارونجھر گهمي ڏٺو آهي، واقعي خوبصورت تفريحي ماڳ آهي جنهن کي محفوظ بڻائڻ آئون ڀرپور ڪوشش ڪندس. جڏهن ته چيف جسٽس ڪورٽ ۾ اي آءِ لائبريري جو افتتاح ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري مٺي طرف روانو ٿي ويو، چيف جسٽس کي وڪيلن طرفان مقامي پٽڪو ڦينٽو پارايو ويو . هوڏانهن چيف جسٽس۔ جسٽس يحي آفريدي ننگرپارڪر جو دورو ڪرڻ بعد مٺي پهتو۔ چيف جسٽس مٺي ۾ نئين قائم ڪيل جڊيشنل ڪامپليڪس پهچي ڪامپليڪس ۽ اليڪٽرانڪ لائبرري جو افتتاع ڪيو ۽ ڪورٽ ۾ وڻن جا ٻوٽا لڳايا۔ جڏهن ته هن جڊيشنل ڪامپليڪس ۾ چيف جسٽس ججز ۽ وڪيل برادري سان ملاقات پڻ ڪئي۔ هوڏانهن چيف جسٽس جي ٻن ڏينهن واري دوري دوران مقامي ميڊيا کي ڪوريج جي اجازت نه هئي هوڏانهن چيف جسٽس جي دوري دوران سيڪورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا۔ ٻئي طرف مٺي بار ايسوسئيشن ٿرپارڪر جي صدر موهن لال منٺاراڻي۔ جنرل سيڪريٽري ڪنور امر ۔ نائب صدر ظھير نهڙيو جي اڳواڻي ۾ وڪيلن چيف جسٽس سان ملاقات ڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي هميشه بند ڪرائي تاريخي ورثي کي هميشه محفوظ بنائڻ جي درخواست ڪئي.