| “ڪاري ناهيان” ٽنڊي مستي ۾ قسم ڏيڻ باوجود ناري قتل ٿي، وڊيو وائرل: 20 گرفتار |
خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ ناري کي ڪارنهن جي تهمت هيٺ قتل ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس جون ڦڙتيون، 20 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، گهرو کاتي جي پڌرائي موجب گرفتار 20 جوابدارن مان 7 جي سڃاڻپ ڪئي وئي، 13 جوابدارن کان جاچ جاري، پوليس کي شفاف جاچ وسيلي جوابدارن کي مثالي سزا ڏيارڻ جي هدايت، ٻئي پاسي ناري جي وارثن حد جي پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، ناري جي وارثن ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پوليس رشوت وٺي جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سندن فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران پوليس مرضيءَ جي ايف آءِ آر درج ڪري ڇڏي، اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺي انصاف جي اپيل، ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پرڻيل ناري روبينا کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي هئي،پنج ڏينهن اڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري روبينه عرف خالدان چانڊيو کي ماڻهن جي موجودگي ۾ دانھون ڪندي رھي پر پنهنجي رت جي رشتن رحم نه کاڌو گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ، خيرپور: مقتولا عورت جي والده مسمات نبل خاتون سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي آفيس پهچي دانهيندي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ روبينا چانڊيو کي صدام چانڊيو وٺي ويو ۽ زور پوڻ تي کيس چڱن مڙسن يا دارالامان جي حوالي ڪرڻ بدران منهنجي ڀاءُ قيصر چانڊيو جي حوالي ڪيو ويو، مقتولا جي قتل جو ڪيس سرڪار پاران فريادي ٿي چئن جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هيو ۽ ڪيس ۾ گهربل ٻن مک جوابدارن مقتولا جي مامي قيصر خان چانڊيو ۽ سندس ڏاڏي ولي محمد چانڊيو کي هٿيارن سميت پڻ گرفتار ڪري ورتو هيو جن کي خيرپور جي عدالت پيش ڪيو ويو هو ، ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ناري روبينا عرف خالدہ چانڊيو جي وارثن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. مقتولا عورت جي والد محمد رمضان چانڊيو ٻڌايو ته مان ڪراچي مزدوري لاءِ ويل هئس مون کي خبر پئي ته صدام چانڊيو منهنجي ڌيءَ کي کڻي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسان سندس ڳولا ڪئي، جنهن دوران صدام منهنجي ڌيءَ کي سليم چانڊيو جي حوالي ڪيو، جنهن منهنجي ڌيءَ منهنجي سالي قيصر چانڊيو وٽ پڄائي ۽ کيس چيو ته تون هن کي مار باقي اسان ڇوڪرو ڏينداسين جنهن تي قيصر کيس چيو ته ڇوڪرو به حوالي ڪيو ته مان ٻنهي کي گڏ ماريندس پر ڇوڪرو نه ڏنو ويو، فقط منهنجي ڌيءَ کي ماريو ويو. ھن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي والد ولي محمد چانڊيو منهنجي ڌيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ فريادي ٿي ڪيس داخل ڪرائڻ ٿي چاهيو لاش اسپتال کڻائي ويو جتي ٽنڊومستي ٿاڻي جو اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو جنهن منهنجي والد کي گرفتار ڪري ورتو ۽ صدام چانڊيو واري ڌر کان اڍائي لک رپيا رشوت وٺي ڪيس اسان جي ماڻهن مٿان داخل ڪرايو ۽ اڄ پوليس اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. ھن ٻڌايو ته صدام چانڊيو هن وقت تائين غائب آهي ھن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ دوران 13 کان 14 ماڻهو صدام چانڊيو جي ڌر جا موجود هئا ۽ وڊيو به انهن طرفان ٺاهي وئي، ڌيءَ به منهنجي ماري وئي ۽ ڪيس به اسان جي ڌر مٿان داخل ڪيو ويو آهي اسان خلاف پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي گهر ڊاهي دربدر ڪيو ويو آهي. مقتولا جي والده مسمات نبل خاتون ۽ پڦي مسمات شبنم خاتون ٻڌايو ته ميرل چانڊيو، سليم ۽ محب علي چانڊيو صدام چانڊيو جا سئوٽ آهن جن صدام کي بچائڻ لاءِ 5 لک رپيا رشوت ڏني آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي. هنن چيو ته صدام چانڊيو سميت سندس سئوٽن خلاف به ايف آئي آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ڇوته پهريان اسان جي ڇوڪري کي کنيو ويو ۽ بعد ۾ مارڻ لاءِ مامن جي حوالي ڪئي وئي.
خيرپور ۾ وڪيلن طرفان واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ قرار، ناري جي وارثن جي مدد جو اعلان
خيرپور: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور طرفان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پيش آيل مسمات خالدہ چانڊيو جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. بار ايسوسيئيشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اهڙو غيرانساني عمل سماج، قانون ۽ انصاف جي خلاف ورزي آهي، جيڪو ڪنهن به مهذب معاشري لاءِ ناقابل قبول آهي. بار ايسوسيئيشن طرفان خيرپور پوليس خاص طور ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي وئي آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن کين قانون موجب عبرتناڪ سزا ملي سگهي. بيان ۾ زور ڀريو ويو آهي ته انصاف جي فراهمي لاءِ قانوني تقاضائون پوريون ڪندي ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور ضلعي جي سمورن وڪيلن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي جوابدارن جا ڪيس نه وٺن ۽ متاثر خاندان کي مفت قانوني سهائتا فراهم ڪن. بار ايسوسيئيشن اهو پڻ اعلان ڪيو ته متاثر خاندان سان هر فورم تي گڏ بيهندي ۽ انصاف جي فراهمي تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. آخر ۾ بيان ۾ چيو ويو ته اهڙا واقعا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهجن، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته هو جلد کان جلد ڪارروائي ڪري عوام جو اعتماد بحال ڪندا.