ڪارپوريٽ فارمنگ: بدين جي 2250 ايڪڙ زمين خانگي ڪمپني حوالي: 70 کان وڌيڪ وسنديون متاثر ٿيڻ جو خدشو

جنوري 15, 2025

بدين : بدين ضلع جي تعلقي شھيد فاضل راھو(گولاڙچي) جي2250 ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو پروجيڪٽ حوالي، سوين سالن کان آباد 70کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جون وسنديون متاثر ٿيڻ جو خدشو،  تفصيل موجب مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي هزارين ايڪڙزمين جيڪاڪارپوريٽ فارمنگ جي ڊگهي منصوبا بندي تحت پرڏيهي ڪمپنين جي گڏيل سهڪار سان گرين انيشيٽو پروجيڪٽ جو حصو بڻايون ويون آهن، ھن منصوبي تحت سنڌ جي بدين ڪاڇي، اتر ۽ ٿرسميت ڪيترن ئي علائقن جي زمين گرين انيشيٽو پروجيڪٽ جي نالي تي مختلف ڏيھي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن حوالي ڪئي پئي وڃي جنهن سلسلي ۾ بدين جي تعلقي گولاڙچي جي ساحلي علائقي جي لڳ ڀڳ 2250ايڪڙ زمين پڻ منصوبي ۾ شامل ڪئي وئي آهي جنهن سبب ساحلي علائقي جي لڳ ڀڳ ھڪ سئو مختلف ڳوٺن ۽ ديهن جنهن ۾ احمد راڄو03،04، 05، احمد راڄو 06، چڪ 57، چڪ 84، چڪ 04، ڳوٺ نور محمد جت، ڳوٺ آچار راڄو، ڳوٺ مير محمد راڄو، ڳوٺ يامين جت، ڳوٺ ڪريم بخش راڄو، ڳوٺ ميهار ڌانڌل، ڳوٺ رمضان ملاح، ڳوٺ يار محمد ملاح، گل محمد ملاح سميت 70 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جي قديم وسندين جي متاٿر ٿيڻ جو خدشو آهي، زمين ليز تي ڏيڻ بعد مٿي ڄاڻايل ڳوٺن جا هزارين رهواسي پڻ بي گهر ٿي دربدري واري زندگي طرف وڃي سگهن ٿا ۽ ڄاڻايل زمين ۾ سندن سوين سال اباڻا قبرستان، قديمي اسڪول ۽ اوطاقون به برباد ٿي وينديون ، واضح رهي ته ڳوٺاڻن موجب گرين انيشيٽو منصوبي ۾ شامل ڪيل ايراضيءَ مان سوين ايڪڙ زرعي ايراضي قديم آباد ڳوٺاڻن جي ذاتي ملڪيت جو پڻ حصو آهي، جنهن کي پڻ خالي ڪرڻ جو حڪم نامو صادر ٿي ويوآهي جنھن سبب ھن علائقي جا مارو ماڻھون سخت مونجھاري جو شڪار آھن، هوڏانهن اهڙي منصوبي بندي خلاف مقامي ڳوٺاڻن جنهن ۾ عبدالخالق راڄو، جمن راڄو،غلام رسول جت، ڌڻي بخش راڄو، گل محمد ملاح، شير محمد راڄو ۽ ٻين شديد احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته زمينون اسان جون ذاتي ملڪيت آهن ۽ اسان سوين سالن کان اباد ڪندا پيا اچون ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جا لاش به آنھن زمينن ۾ ٺھيل قبرستانن ۾ پيل آھن جن جا ھڏا ڪڍي اڇلڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن،جنھن کي اسان نٿا مڃون ۽ ڪنھن به اھڙي قاتل منصوبي کي نٿا مڃون ۽ڪنهن به منصوبي تحت ڳوٺ خالي نه ڪيو ويندو، ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪار جي اهڙي منصوبي بندي کي هر فورم تي چيلينج ڪيو ويندو.

ڳوٺاڻن منصوبو رد ڪري ڇڏيو: ڀرپور مزاحمت جو اعلان

بدين: متاثر سامونڊي پٽي واسين غلام رسول جت، جمن ملاح، ڌڻي بخش راڄو، يار محمد ملاح ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڄاڻايل زمينن تي اسان سوين سالن کان آباد آھيون اسان جا ابا ڏاڏا به ھتي جي قبرستانن ۾ دفن ٿيل آھن اسان جا اسڪول ۽ اوطاقون به قديمي آھن ھاڻي اسان کان اسان جي گذر جو ذريعو به حڪمران کسي رھيا آھن جيڪو وڏو ظلم آھي ھنن چيو ته اليڪشنن ۾ ووٽ وٺي گم ٿي ويندڙ چونڊيل نمائنده به اسان مٿان ايل ڏکئي وقت ۾ حال پڇڻ به ڪونه آيا آھن، ھنن چيو ته اسان جي ٻچن جي وات مان گراھ کسي بي گھر ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي، پر اسان ھتي جا رھواسي اھا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.

زمين سنڌ حڪومت 2023ع ۾ ليز تي ڏني هئي: مختيار ڪار

بدين: رابطي ڪرڻ تي مختيار ڪار گولاڙچي ديدار علي نھڙيو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل زمين بابت اسان کان رڪارڊ گھريو ويو ھو جيڪو اسان سروي ڪري ڏنو ھو جنھن بعد اسان کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آھي، ھن چيو ته ڄاڻايل زمين سرڪار جي ملڪيت آھي سنڌ حڪومت 2023ع ۾ ليز تي ڏني ھئي ۽ ھاڻي اھا زمين سنڌ حڪومت انھن حوالي ڪري ڇڏي آھي ۽ زمين جا مالڪ به پھچي ويا آھن..ڳوٺاڻن وٽ چونڊيل نمائندن سميت قومپرست جماعتن مان به ڪير نه آيو

بدين: گولاڙچي تعلقي جي مختلف ديھن ۾ڄاڻايل زمينن ۾ سوين سالن کان آباد ڪندڙ ڳوٺاڻن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندڙ متاثر ڳوٺاڻن وٽ چونڊيل نمائيندن سميت قومپرست جمائتن مان ڪير به لنگھي نه ايو آھي جنھن سبب ڳوٺاڻن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي.

ڳوٺاڻن پاران گولاڙچي ۾ احتجاج جو ڪنهن به  نوٽيس نه ورتو

بدين: گولاڙچي جي سامونڊي پٽي جي يوسي احمد راڄو جي لڳ ڀڳ2250 ايڪڙ زمين غير آباد ڄاڻائي گرين پاڪستان انيشيئٽو منصوبي حوالي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران گولاڙچي ۾ آحتجاج ڪري پريس ڪلب گولاڙچي آڏو احتجاجي ڪئمپ ھڻي بک ھڙتالون به ڪيون پر سامونڊي پٽي واسين جي احتجاج جو ڪنھن به نوٽيس نه ورتو .

Leave A Comment