ڪارپوريٽ فارمنگ جاري آهي:اياز پليجو
جُون 23, 2025
ڀٽ شاهه (پنهنجي ڊيسڪ ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، سنڌي ٺڳجن پيا ڪئنال ٺهن پيا ڪارپوريٽ فارمنگ به جاري آهي، جيڪڏهن سنڌين جي اها سادگي ۽ بيوقوفي جاري رهي ته انهن جو حشر خراب ٿيندو جيئن ايران ۽ فلسطين ۾ ٿي رهيو آهي
ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪئنالن خلاف سنڌ جا قومي ڪارڪن، عوام، شاگرد ۽ قومي اڳواڻ روڊن تي نڪتا، ماڻهو ميدان تي هئا اوچتو انهن کي ٺڳي ٻٻرلوءِ بائي پاس تي ويهاريو ويو، پوءِ ٻنهي پاسن کان سرڪار پئي ويٺي ۽ ٻنهي گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي، جن کان مطالبو ڪيو پئي ويو اهو وزير به وچ ۾ ويٺو هو، ڪئنالن تي ڪم جاري آهي ڪارپوريٽ فارمنگ به جاري آهي
سنڌ جي هر ضلعي ۾ 20 کان 30 هزار ايڪڙ زمين هلي وئي آهي، سنڌ جي عوام توڙي مون اياز لطيف سان جٺ ڪئي وئي، اسان سموري سنڌ ۾ نڪتا سين، هزارين ماڻهو ميدان تي هئا گڏيل ماحول ٺهيو سرڪار اٽڪلون ۽ جٺ ڪري پنهنجا ماڻهو وچ ۾ ويهاري وزير سان ٺاهه ڪري زمينون ڏيئي ڇڏيون.
پنهنجي ايجنٽن ذريعي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گاريون ڏياريون ويون، جنهن ڪري ڪافي اڳواڻ خاموش ٿي ويهي رهيا مون کي گارين جي پرواهه ناهي آئون اڄ به هلان پيو، سنڌي ماڻهو جيڪڏهن گڏجن نٿا ته گهٽ ۾ گهٽ قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گاريون ته نه ڏين
ٽڪي ٽڪي جي مفاد لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو ويو آهي، پبلڪ سروس ڪميشن نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي مشين بڻجي چڪي آهي، پراڻن رڪارڊن ۾ نوڪريون پيون وڪرو ٿين نوجوان شاگردن ۽ ميرٽ جو ڇا ٿيندو ، ٺڳن جو ٽولو نوڪريون وڪرو ڪري رهيو آهي سنڌي ماڻهو لاتعلق ڇو ٿي ويٺو آهي
پنهنجي ايمان ۽ ضمير کي زنده ڪيو وڃي سنڌي ماڻهن کي پر امن جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي ماڻهن کي نڪرڻو پوندو آواز اٿارڻو پوندو ٻي صورت ۾ حشر وڌيڪ خراب ٿيندو.