ڪارڪردگي سڌاريو: وزيراعليٰ جو لائيو اسٽاڪ کاتي کي حڪم: جديد مڇي فارمننگ جي هدايت
مارچ 12, 2025
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته پولٽري، ماهيگيري ۽ چوپائي مال جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سان ملاقات دوران جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ جدت ۽ بهتري لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهھ ڪئي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته مڇي مارڻ ۽ چوپائي مال سان لاڳاپيل ڀاڳين جي رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ شعبي کي مضبوط ڪرڻ سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿيندي پر لاڳاپيل شعبن ۾ خوشحالي به ايندي. هن هدايت ڪئي ته صوبي ۾ مڇي فارمنگ جا جديد طريقا لاڳو ڪيا وڃن هن سامونڊي پٽي ۾ مڇي جي فارمنگ کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مڇي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن، وڏي وزير مڇي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ بندرگاهن کي جديد سهولتن سان اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن سامونڊي ماحولياتي نظام جي حفاظت لاءِ پائيدار مڇي مارڻ جي طريقن تي زور ڏنو. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جانورن جي اسپتالن کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن جانورن لاءِ معياري صحت جون سهولتون يقيني بڻائي سگهجن. هن سڄي صوبي ۾ جانورن جي ويڪسينيشن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي، هن لائيو اسٽاڪ فارمن جي اثرائتي نگراني ۽ جانورن لاءِ غير معياري کاڌ خوراڪ جي وڪري خلاف سخت ڪارروائي جو به حڪم ڏنو. وڏي وزير کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ کير، آنا ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.