| ڪارڪردگي ۽ فٽنيس تي ڌيان ڏيو: ڀارتي بورڊ جي روهت شرما کي صلاح |
ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ اڳوڻي ڪپتان روهت شرما کي چيو آهي ته هو پنهنجي مستقبل بابت قياس آرائين تي تبصرو ڪرڻ بدران پنهنجي فٽنيس ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي. روهت شرما هاڻي 30 نومبر کان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ايڪشن ۾ هوندو. بي سي سي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته هندستاني بورڊ توقع ڪري ٿو ته روهت شرما پنهنجي قدرتي جارحاڻي راند کيڏندو، جيڪا آسٽريليا خلاف سيريز ۾ نظر نه آئي. ڀارتي ميڊيا بي سي سي آءِ جي ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته اهو سچ آهي ته آسٽريليا ۾ حالتون مشڪل هيون، پر اهو ڏٺو ويو ته روهت شرما خطرو کڻڻ کان لنوائي رهيو هو، روهت ۽ ڪوهلي کان اميد آهي ته هو پنهنجي بيٽنگ سان ٻين نوجوان بيٽسمينن لاءِ شيون آسان بڻائيندا. ڀارتي ميڊيا ۾ اهڙيون رپورٽون به گردش ڪري رهيون آهن ته ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز کان پوءِ، بي سي سي آءِ سليڪٽرز ۽ ٽيم مئنيجمينٽ سان صلاح ڪري روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪندو.