ڪارڪنن تي ڪيس ڪري ڪري سنڌ سان محبت روڪي نٿي سگھجي: ڪالاڻي

ڪارڪنن تي ڪيس ڪري ڪري سنڌ سان محبت روڪي نٿي سگھجي: ڪالاڻي

دوڙ (ن پ ا) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  چيو آهي ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي دوڙ جي 8 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيس داخل ڪري سنڌ سان محبت کان روڪي نٿو سگهجي ڪارڪن ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. ثقافتي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍڻ جي ڏوھ ۾ دوڙ ٿاڻي تي قومپرست ڪارڪنن جسقم بشير خان تعلقي دوڙ جو صدر طاهر زرداري، سٽي صدر راشد بروهي، جساف اڳواڻ منتظر وڳڻ، رحيم بروهي، سعيد خاصخيلي، سميت 8 ڄڻن مٿان دوڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪارڪنن فيس بڪ تي گورنمينٽ جي خلاف نعريبازي ڪري چڙ ڪاوڙ ۽ نفرط پکيڙڻ واريون پوسٽون پنهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪيون آهن. ٻئي طرف طاهر زرداري منتظر وڳڻ سعيد احمد خاصخيلي راشد بروهي لعل ڏنو واسواڻو جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن علمدار چوڪ تي پهچي ويا جٿي ڪارڪنن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون سنڌ جي ثقافت اسان جي ساه م سمايل آهي ڀلي ڇا به ڪيو وڃي مرڻ تائين سنڌ جي عشق ۾ جهدوجد جاري رهندي. هوڏانهن جسقم بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پهنل ساريو امداد منگي جونيئر فقير جانڻ چن ۽ ٻين مذمتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت وائڙي ٿي وئي آهي هاڻ ته اسان کي پنهنجي ثقافت ملهائڻ کان به روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن دوڙ سميت سڄي سنڌ اندر ثقافتي ريليون ڪڍڻ جي ڏوھ ۾ قومپرست ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.