| ڪارڪنن ۾ چڙ پئي پيدا ٿئي: ڀارتي فلم ڌريندر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت پاران ڀارتي فلم دريندر خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پيپلز پارٽي جي ڪارڪن محمد عامر کوسو پاران داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فلم ڌريندر ۾ بنا اجازت جي پيپلز پارٽي جي ريلين، پارٽي جهنڊن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون تصويرون ڏيکاريون ويون آهن، فلم جي ٽريلر ۾ پيپلز پارٽي خلاف دهشتگردن جي حمايت ڪندڙ جماعت طور پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي، فلم جي تشهري مهم ۾ لياري کي دهشتگرد زون طور ڏيکاريو ويو آهي، فلم ۾ لياري جي رهواسين خلاف بي بنياد ۽ اشتعال انگيز تاثر ڏنو ويو آهي، فلم جو ٽريلر پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف اشتعال پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ لا۽ درخواست ڏني وئي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، درخواست ۾ استده ڪئي وئي آهي ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي کي شفاف جاچ جي نگراني جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ ڀارتي فلم پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اداڪار سنجي دت، رنوير سنگهه ۽ اڪشي کنا سميت ٻين۔اداڪارن کي بطور جوابدار نامزد ڪيو وڃي۔۔۔