| ڪار ريس دوران خطرناڪ حادثو، هڪ تماشائي فوت ۽ ٻه زخمي |
بيونس آئرس(اسپورٽس نيوز) حيرت انگيز طور تي ڊرائيور ڊيڊيئر آرياس ۽ سندس شريڪ ڊرائيور هيڪٽر نونيز هن حادثي ۾ محفوظ رهيا. ارجنٽائن ۾ ٿيندڙ ڪار ريس دوران هڪ ڏکوئيندڙ حادثي ۾ هڪ تماشائي فوت جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا. انٽرنيشنل آٽوموبائل فيڊريشن (ايف آئي اي) موجب هي واقعو ’ريلي سوڊ آمريڪانو مينا ڪليرو‘ جي ٻئي مرحلي دوران پيش آيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گاڏي هڪ ڪناري سان ٽڪرائجي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي ۽ اونڌي ٿيندي تماشائين جي حصي ۾ وڃي ڪري. حيرت انگيز طور تي ڊرائيور ڊيڊيئر آرياس ۽ سندس شريڪ ڊرائيور هيڪٽر نونيز هن حادثي ۾ محفوظ رهيا. فيڊريشن پنهنجي بيان ۾ هن واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو منتظمين ۽ مقامي اختيارين سان مڪمل تعاون ڪندي. هي حادثو هڪ ٻئي ڏکوئيندڙ واقعي جي صرف هڪ ڏينهن پوءِ پيش آيو، جنهن ۾ جوها ميٽينن ’اي ڊي اي سي 24 ايڇ نربرگرنگ‘ جي ڪواليفائرز دوران فوت ٿي ويو هو.