ڪار ساز حادثو: راڄوڻي جي ڪوشش ناڪام: بااثر صنعتڪار جي زال نتاشا جيل منتقل

آگسٽ 22, 2024

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪار ساز ۾ روڊ حادثي  کي  راڄوڻي ذريعي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام:  بااثر صنعتڪار جي زال نتاشا جيل منتقل، ڪالهه  سٽي ڪورٽ ۾ واقع جوڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پوليس  مک جوابدار نتاشا کي پيش ڪري 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي، نتاشا جي وڪيل چيو ته جوابدار خلاف ڪيس ۾  ضمانت ٿيڻ جوڳا قلم  لاڳو ڪيا ويا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ڪيس ۾ قتل بالسبب واري قلم 322 جو اضافو ڪيو ويو آهي، اهو قلم  ضمانت نه ٿيڻ جوڳو آهي، فريادي ڌر جي وڪيل جو چوڻ هو ته  پي ءَ ڌي کي ماريندڙ نتاشا  حادثي وقت ڪهڙي نشي آور شئي واپرائي هئي؟ عدالت جوابدار نتاشا کان پڇاڻو ڪندي چيو ته تنهنجي مڙس جو نالو ڇا آهي؟ جنهن تي نتاشا چيو ته مڙس جو نالو دانش آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٿاڻي ۾ پوليس توهان تي ڪو تشدد ته نه ڪيو آهي ؟ جنهن تي نتاشا عدالت کي ٻڌايو ته ٿاڻي ۾ مون سان بدسلوڪي يا تشدد ناهي ٿيو, عدالت جاچ آفيسر جي ريمانڊ واري درخواست رد ڪندي نتاشا کي 14 ڏيهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو, عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ، ٻڌڻي بعد ڪيس جي فريادي امتياز عارف ۽ سندس وڪيل عزيز غوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ۾ قلم 322 شامل ٿيڻ اسان جي ڪاميابي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن نتاشا نفسياتي مريض هئي ته  کيس گاڏي ڇو ڏني وئي؟ هن چيو ته هاڻ ڏسنداسين ته انصاف لاءِ ڪير ٿو بيهي؟ نشي جا عادي ماڻهن کي ماري ٿا ڇڏين، هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ فوت ٿيل ويل آمنه جي تعليم تعريف جوڳي هئي ، فوتي ڀاءَ  تهجد گذار هو

نتاشا ذهني صحتمند قرار: وارث ڪيس هسٽري نه ڏئي سگهيا

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪارساز حادثي جي ملزم نتاشا ذهني طور تي صحتمند قرار، نتاشا جا وارث ٽن ڏينهن تائين نتاشا جي ذهني مريض هجڻ بابت ڪو ٺوس ثبوت اسپتال اختيارين حوالي نه ڪري سگھيا. ملزمه کي ڪيس کان بچائڻ لاءِ وارثن پاران حادثي واري ڏينهن کان کيس ذهني مريض قرار ڏيڻ وارو موقف رد، جناح اسپتال جي اختيارين نتاشا کي ٽن ڏينهن تائين نفسياتي شعبي ۾ تفصيلي چڪاسڻ بعد ذهني طور صحتمند قرار ڏئي ڇڏيو، نفسياتي ماهر ڊاڪٽر چوني لال  نتاشا جي صحتمند هجڻ وارو ليٽر جاري ڪري اسپتال مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 19 آگسٽ تي رات جو ڪارساز ويجھو سروس روڊ تي ڌيءُ ۽ پيءُ جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ ۽ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واقعي جي ذميوار نتاشا جي نفسياتي هجڻ جو ڊرامو فلاپ ٿي ويو جنهن بعد نتاشا ڪيس رُخ مٽائي ورتو آهي. ان حوالي سان ڪالهه جناح اسپتال جي نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر چوني لال پاران نتاشا جي ٽن ڏينهن تائين مختلف حوالن سان تفصيلي چڪاس ڪرڻ بعد ڪالهه هڪ رپورٽ جاري ڪري کيس ذهني طور تي صحتمند قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر چوني لال پاران هڪ ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هِن ڄاڻايو آهي ته نتاشا ذهني طور تي ڪنهن به بيماري م مبتلا ناهي ۽ هُو ذهني طور تي مڪمل فِٽ آهي، هن ليٽر ۾ لکيو آهي ته نتاشا جا وارث سندس بيماري جي هلندڙ علاج بابت به ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيا آهن، نفسياتي ماهر پاران صحتمند قرار ڏيڻ بعد نتاشا کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس نتاشا کي تحويل ۾ ورتو ، واضح رهي ته ٽن ڏينهن کان نتاشا جناح اسپتال جي نفسياتي وارڊ ۾ داخل هئي پر جناح اسپتال جي انتظاميا کيس صحتمند قرار ڏيڻ تائين ميڊيا تي سندس بابت ڪو به بيان جاري ڪرڻ ۽ سندس حالت بابت ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي.

ڪراچي :  ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي  جاويد عالم اوڍو چيو ته ڪارساز حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي نتاشا دانش کي گرفتاري ڪري ميڊيڪل ڪرايو هو نتاشا دانش خلاف وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، سزا ڏيڻ جو ڪم پوليس جو ناهي، جوابدار کي وڪيل ڪري ڪيس وڙهڻ جو حق آهي، پوليس عدالت ۾ بهترين نموني ڪيس وڙهي جوابدار عورت کي ضمانت ڪرائڻ نه ڏني، هن چيو ته حادثي ۾ پي ۽ ڌي جي فوت ٿيڻ تي افسوس آهي، اسان جي همدردي متاثرن سان آهي، نتاشا  نشي ۾ هئي يا نه؟ انهي جي تصديق ڪرائي ويندي، نتاشا نفسياتي آهي ته انهي کي گاڏي ڇو ڏني وئي؟ اسان  جاچ ڪريون پيا

Leave A Comment