ڪار شيشا: نوشهرو فيروز پوليس ۽ وڪيلن ۾ دنگل: عدالتي بائيڪاٽ: پوليس داخلا تي بندش   

ڪار شيشا: نوشهرو فيروز پوليس ۽ وڪيلن ۾ دنگل: عدالتي بائيڪاٽ: پوليس داخلا تي بندش   

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز پوليس ۽ وڪيلن ۾ تڪرار، ضلعي بار پاران هڙتال، ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او اسد نبي کچي خلاف ٺهراءَ پاس ،پوليس جي عدالت ۾ داخلا تي پابندي، ان ڏس ۾ نوشهرو فيروز ۾ ايس ايڇ او اسد نبي کچي ۽ ڊي ايس پي سٽي سردار چانڊيو پاران وڪيل برادري سان گذريل رات ٿيل بدڪلامي واري واقعي خلاف وڪيلن اڳواڻن سخت احتجاج ڪيو، بار ايسوسيئيشن عارضي طور عدالتي ڪم بند ڪري سيشن ڪورٽ جو مين دروازو بند ڪري ڇڏيو،  پوليس اهلڪارن جي ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي، ان موقعي تي وڪيلن ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او اسد نبي کچي خلاف  نعريبازي ڪندي پوليس کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سينيئر نائب صدر عبدالرحيم عباسي، شير محمد اڄڻ، امر امتياز ميمڻ، سليم ڏاهري، شڪيل عباسي ۽ ٻين  چيو ته پوليس چورن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران شريف شهرين ۽ وڪيلن سان بدتميزي ڪري رهي آهي، گذريل رات الله واري چوڪ تي پوليس چيڪنگ دوران ڪارن  شيشن جو جواز ڄاڻائي نوجوان وڪيل عزيز الرحمان ڪلهوڙو ۽ اظهر الدين وسڻ جي ڪار جا شيشا ٽوڙيا، جنهن تان وڪيل برادري ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او اسد نبي کچي ۽ ڊي ايس پي سردار چانڊيو کي  هٽائي وڪيل برادري جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڊي ايس پي نوشهرو فيروز سردار چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف ڪارروائي هلي رهي هئي، 2 نوجوان وڪيلن جي  ڪار جا شيشا به ڪارا هئا، ڪارا شيشا هٽائڻ لاءَ چوڻ تي وڪيل ناراض ٿي ويا.