ڪاز لسٽ ملتوي ڪرڻ بدران عدالت بم سان اڏائي ڇڏيو ها، رياست مرضي جا فيصلا چاهي ٿي: جسٽس اعجاز اسحاق پاران ڪاوڙ
مارچ 20, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود باني تحريڪ انصاف سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ وڪيل مشال يوسفزئي جي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪاز لسٽ ملتوي ڪرڻ تي سوموٽو توهين عدالت جي ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي. رمارڪس ڏنا ويا ته رياست جج جي مرضي کان بغير ڪيس لارجر بينچ کي منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪندي آهي؟ اهو ڪرڻ بجاءِ اوهان منهنجي عدالت جي بنيادن ۾ بارود رکي اڏائي ڇڏيو ها. رياست اهو چاهي ٿي ته ججز بس ان جي مرضي مطابق فيصلا ڪن. هِتي ويهي بس نوڪري ڪندا رهون؟ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪاز لسٽ ملتوي ٿيڻ تي ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل اسلام آباد سلطان محمود عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ڇا اوهان اُن ۾ ملوث آهيو؟ اوهان ڪنهن جي چوڻ تي ڪاز لسٽ ملتوي ڪئي؟. ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل چيو ته اسان کي چيف جسٽس آفيس مان هدايت آئي هئي. چيف جسٽس آفيس مان چيو ويو ته لارجر بينچ ٺاهي وئي آهي هاڻي اِن ڪيس جي ڪاز لسٽ ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس منتقلي جي لاءِ هي متفرق درخواست ڪهڙي قانون تحت داخل ڪرائي وئي؟ ڇا رياست جج جي مرضي کان بغير ڪيس لارجر بينچ کي منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي ؟ اهو ڪرڻ بجاءِ اوهان منهنجي عدالت جي بنيادن ۾ بارود رکي اُڏائي ڇڏيو ها. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته هڪ جج حڪومت جي خلاف فيصلو ڏئي ته ان کان ڪيس واپس وٺي ڪنهن ٻئي بينچ کي موڪليو ويندو؟ ڪير سيڙپڪاري ڪندو جڏهن هي صورتحال هوندي؟ ان کان وڌيڪ ڪا حماقت ناهي ته معيشت قانون جي حڪمراني کان بغير ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. اسان بنيادي سوال ئي طئي ناهيون ڪري سگهندا. هر ڏهن سالن کانپوءِ بنيادي اصولن تي اهڙي هنڌ بيٺل هوندا آهيون. هي منهنجي ذات يا منهنجي اختيارن جو مسئلو ناهي. پر هاءِ ڪورٽ جي توقير جو مسئلو آهي. مشال يوسفزئي جو چوڻ هيو ته اسان سان اهو ٻاهر هي ٿي رهيو آهي ته باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي سان جيل ۾ ڇا ڪندا هوندا؟ اسان کي ته پنهنجي اداري جو فڪر ٿي رهيو آهي. گائيڊڊ ميزائل اوهان جي طرف وڃي رهيو هو اهو هاڻي اسان ڏانهن اچي رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولز ۾ ناهي ته جج جي مرضي بجاءِ چيف جسٽس ڪيس ٽرانسفر ڪري ڇڏي. اوهان هڪ شي کي انا جو مسئلو بڻائي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو اهو هاءِ ڪورٽ جي تختو ڪڍي ڇڏيندو. جسٽس اعجاز اسحاق خان چيو ته جيڪڏهن رياست فيصلو ڪري ڇڏيو آهي انهن انا جي جنگ کٽي آهي ته منهنجو هِتي ويهڻ جو ڪو به فائدو ناهي. جيڪڏهن وڏي صاحب جي مرضي ٻئي هنڌ آهي ته اهو چوي ته مان ڪيس پاڻ وٽ وٺان؟ فرض ڪريو مستقبل ۾ ڪوئي چيف جسٽس ڪرپٽ هجي ته ڇا ان وٽ ان طرح ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي؟ ڀلا جج رجسٽرار آفيس جو محتاج آهي؟آفيس کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جج کي ڪيس ٻڌڻو آهي يا ناهي ٻڌڻو؟ ڇاڪاز لسٽ فيصلو ڪندي ته عدالت انصاف ڪئين ڏيندي ؟ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏنا ته رياست اهو چاهي ٿي ته ججز بس اُن جي مرضي مطابق فيصلا ڪن. هِتي ويهي بس نوڪري ڪندا رهون؟ جيڪڏهن هي مسئلو حل نٿو ٿئي ته منهنجو بطور جج عوام کي انصاف ڏيڻ جو اعتماد ختم ٿي ويندو. عدالت ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪاز لسٽ منسوخ ۽ ٻئي بينچ منتقل ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان به جواب طلب ڪري ورتو. ڪيس جي ٻڌڻي 20 مارچ تي ٻيهر ٿيندي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران سان ملاقاتن نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جون درخواستون گڏائي جسٽس اعجاز اسحاق جي ڪاز لسٽ ملتوي ڪري ڇڏي هئي.