ڪراچي (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جا ڪاشف شورو حيدرآباد، ارسلان شيخ سکر ۽ قاضي عبدالرشيد نوابشاهه جا بنا مقابلي ميئر ٿي ويا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ميئر لاءِ چونڊ اڄ ٿيندي
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نمائندن حلف کڻي ورتو آهي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، ڄامشوري، ٺٽي، قمبر شهدادڪوٽ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ چونڊيل نمائندن جي حلف برداري جون تقريبون ڪوٺايون ويون
حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو پنهنجو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جڏهن ته 5 ٽائون ميونسپل ڪميٽين جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن
ڪاشف علي شورو ميئر ۽ محمد صغير قريشي ڊپٽي ميئر طور بنا مقابلي ڪامياب ٿيا جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو جڏهن ته منٺار علي جتوئي، محمد عثمان ملڪ، بدر احمد ميمڻ، شفقت حسين شاهه، نور احمد ٿيٻو، مير علي احمد ٽالپر، عمير چانڊيو، ميهار علي بلوچ، عبدالغفور درس، عبدالستار سومرو کي ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين طور بنا مقابلي ڪاميابي ملي
سکر ضلع ڪائونسل جو چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميئر، ڊپٽي ميئر، ٻن ميونسپل ڪاميٽين روهڙي، پنوعاقل ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين جا چيئرمين وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن
ارسلان اسلام شيخ ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد مغل ڊپٽي ميئر طور بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته ضلعي ۽ ميونسپل چيئرمين طور سيد ڪميل حيدر شاهه، اختر خان مھر، مير يعقوب علي شاھ، محمد اسلم ميمڻ، عبدالقوي انڍڙ، بابر علي، آغا محسن، وائيس چيئرمين تي فرحان شاهه، محمد دين، غلام مرتضي گهانگهرو، طارق حسين چوهاڻ، ذوالفقار علي کوسو، قلندر بخش رضوي، پنڪو لال بجاج، غلام اڪبر راميجو، غلام علي ڪلهوڙو، ارشاد علي، ڪنيو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مخصوص سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندڙ 202 اميدوارن حلف کڻي ورتو، مخصوص سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندڙ 202 عورت، نوجوان، مزدور ۽ غير مسلم نمائندن کي حلف کڻايو ويو، جن ۾ پ پ جا 168، جي ڊي اي جا 29 ۽ پي ٽي آءِ جا 5 ميمبر شامل آهن
ٻئي طرف ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سميت چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل جي چونڊ اڄ ٿيندي
نوابشاهه ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، پ پ پاران نامزد ڪيل ميئر قاضي عبدالرشيد ڀٽي ۽ ڊپٽي ميئر مبشر آرائين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، اهڙو نوٽيفڪيشن رٽرننگ آفيسر پاران پڻ جاري ڪيو ويو آهي.