| ڪافي ميچون آهن، ڪاميابي جي ڪوشش ڪنداسين: اسامه مير |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي اسامه مير چيو آهي ته ٽيم ڪمبي نيشن تبديل ٿيڻ سبب ڪارڪردگي تي اثر پيو آهي. پشاور زلمي هٿان شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان غلطين مان سکنداسين ۽ ايندڙ ميچن ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين. ٻئي طرف پشاور زلمي جي ڪوشل مينڊس جو چوڻ هو ته کيس بابر اعظم جي بهترين سپورٽ ملي رهي آهي ۽ هو پاڪستاني ڪنڊيشنز کي هاڻي بهتر سمجهي چڪو آهي. هن چيو ته کيس پاڪستان ۾ کيڏڻ تمام گهڻو پسند آهي.