ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پيا آڻيون ته لياقت جتوئي ۽ جلال شاهه اُٿي ويا: نثار کهڙو
مارچ 13, 2025
ڪراچي: رپورٽر ) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته جڏهن ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته لياقت جتوئي کسڪي ويو پر جلال محمود شاهه به ڪرسي ڇڏي هليو ويو هو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته تونسا کان گڊو تائين مون ٽيلي ميٽري لڳرائن جو چيو ته ڏسون ته ڪيترو پاڻي چوري ٿئي پيو، هن چيوته اسان اپوزيشن ۾ هئا سين ته چيو ويو ته بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ۾ شامل ٿيندي ته اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو ويندو جلال محمود شاھ اسپيڪر هو لياقت جتوئي کي مون چيو ته ٺهرا آڻيون پيا ته لياقت جتوئي ته هليو ويو پر اسپيڪر جلال محمود شاھ جيڪو جي ايم سيد جو پوٽو آهي اهو به ڪرسي ڇڏي هليو ويو هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ان ڪري ڪو به منصوبو قبول نه هوندو