| ڪالا باغ ۽ ڪئنال رد ڪرايا، صوبا به ٺاھڻ نه ڏينداسين: نثار کهڙو |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) باني پاڪستان پيپلز پارٽي فخر ايشيا قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 ھين سالگره جي موقعي تي عظيم الشان جلسو پاڪستان پيلز پارٽي جي سينئير نائب صدر اظھار سيال پاران سيال ھائوس قاسم آباد ۾ منقعد ڪيو ويو ، جلسي ۾ مھمان خاص صوبائي صدر نثار کهڙو شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ضلعي صدر طارق علي شاه ڄاموٽ ، وسيم راجپوت ، عشرت مغل ، عمير چانڊيو، علي محمد سھتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، جلسي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو سان حيدرآباد جي عوام محبت ڪري ٿي، آئون حيدرآباد وارن کي مبارڪ ڏيان ٿو ته پھريون دفعا ميئر حيدرآباد پاڪستان پيلز پارٽي جو آھي، آئيندا به ميئر حيدرآباد جو پاڪستان پيلز پارٽي جو ھوندو. اسان چاھيون تا ته بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿئي ته اسان جو دل به خوش ٿئي، حيدرآباد ۾ جلسو ٿيندو آھي ته مثالي ٿي ويندو آھي، اھا محنت تنظيم جي هوندي آھي، 4 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيندو، پاڪستان پيلز پارٽي ڪالا باغ نه ٺاھڻ ڏنو ، ڪينال نه ٺاھڻ ڏنا ته صوبا به نه ٺاھڻ ڏينداسين، حيدرآباد جي عوام اسان جو حوصلو وڌايو آھي، انشاالله اسان ڪاميابي حاصل ڪندا رھنداسين، طارق شاھ ڄاموٽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته بلاو ڀٽو چڻ چيو ته انڊيا جا 6 کان 7 جھاز ڪرايا اُھو صرف ڊفينس ھو، بدلو اڃا نه ورتو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته اظھر سيال جن جلسي ۾ ھزارن جي تعداد م عوام جو ميڙاڪو جمع ڪيو آھي ، ڪجھ ٽائيم ۾ حيدرآباد ۾ ھڪ وڏو عظيم الشان جلسو ڪيو ويندو، اظھر سيال جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته انشاالله ايندڙ وقت ۾ بلاول ڀٽو وزيراعظم ھوندو ، اڄ جي جلسي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ حيدرآباد جي عوام پھچي ثابت ڪيو آھي ته عوام چيئرمين بلاول ڀٽو پاڪستان پيلز پارٽي سان گڏ آھي ، آئون شڪر گذار آھيان پاڪستان پيلز پارٽي جي اڳواڻن، عھديدارن، جيلن ۽ ورڪرن جو جن سيال ھائوس جي ھن جلسي ۾ شرڪت ڪئي،جلسي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 ھين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ آتش بازي پڻ ڪئي وئي.