ڪالعدم بي ايل ايف جو ڪمانڊر اندروني جهيڙي ۾ مارجي ويو

جُون 18, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بندش پيل تنظيم بي ايل ايف  جو ڪمانڊر نواز علي رند اندروني جهيڙي ۾ مارجي ويو، نواز رند جو موت  پاڙيسري ملڪ  ۾ پراسرار حالتن ۾ ٿيو

عسڪريت پسند  نواز علي رند جو تعلق آواران سان هو ۽ هو 2004ع کان بي ايل ايف جو سرگرم ميمبر رهيو،  نواز رند سڪيورٽي فورسز  تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو

گلزار امام شمبي  جي گرفتاريءَ کان پوءِ عسڪريت پسند گروپس ۾  ڏار پئجي چڪا آهن، بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن جي اتحاد بي آر اي ايس کي به سخت نقصان پهتو آهي

انٽيليجنس ادارن جي ڪاميابين سان دهشتگرد تنظيمون دٻاءُ جو شڪار آهن، گهيرو سوڙهو ٿيڻ سبب دهشتگرد تنظيمون پنهنجي ئي ڪمانڊرز کي مارڻ لڳيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت الاحرار جو ڪمانڊر به اهڙين ئي حالتن جو شڪار ٿيو هو

Leave A Comment